گهوٽڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نينگري قتل، لاش رکي ڌرڻو، 2 جوابدار گرفتار

گهوٽڪي(رپورٽ:  محمد يوسف منگي) گهوٽڪي جي ڳوٺ پنڃيو لٻاڻو ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارنهن ورهين جي معصوم نينگري روزينا ڌي علي محمد لٻاڻو کي  گولي لڳي جنهن کي زخمي حالت ۾ وارثن رڪشا ذريعي تعلقا اسپتال پهچائڻ دوران روزينا فوت ٿي وئي مقتولا جي وارثن لاش اي سيڪشن ٿاڻي تي آڻي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ بعد ۾ ڳوٺ وڃڻ دوران مقتولا جي وارثن لٻاڻو هوٽل وٽ  لاش رکي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندي چيو ته هڪ مهينو اڳ ناصر ڪولاچي، حضور بخش ڪولاچي، گل حسن ڪولاچي، مقتولا جي وڏي ڀيڻ حبيبان لٻاڻو کي هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي اغوا ڪري ويا جنهن کي بعد ۾ تر جي چڱن مڙسن معرفت واپس ڪرايو جنهن جوابدار اسان کي فيصلو وٺڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا، اڄ ڪولاچي برادري جي هٿياربندن اسان جي مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي فائرنگ جي نتيجي ۾ اسان جي معصوم گلن جي نينگري روزينا بي گناهه گولي لڳڻ سبب قتل ٿي وئي آهي جوابدار بااثر آهن اسان کي خدشو آهي پوليس هنن کي گرفتار نه ڪندي جيستائين پوليس ناصر ڪولاچي ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ن ڪندي اسان روڊ ن کولينداسين  هڪ ڪلاڪ لڳل ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن گاڏيون بيهجي ويو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته اسان کي جئين اطلاع مليو اسان ڪولاچي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري مک ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي اوهان روڊ کوليون قتل جو ڪيس داخل ڪرايو پوليس اوهان جي مدد ڪندي ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪري قتل ٿي ويل نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو ويندو پوليس جي اهڙي خاطري بعد لٻانو برادري جي ماڻهن ڌرڻو ختم ڪري لاش ڳوٺ کڻائي ويا ، ھوڏانھن قتل ٿي ويل روزينا جي قتل جو ڪيس سندس والد علي محمد لٻاڻو جي فرياد تي ناصر ڪولاچي، حصور بخش ڪولاچي، گل حسن ڪولاچي، عبدالمعروف ڪولاچي ۽ 2 اڻسڃاتل ماڻھن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان اڳ ٻن جوابدارن حضور بخش ۽ عبدالمعروف ڪولاچي کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.