اسلام آباد (معظم فخر): پي ٽي آءِ باني جي حامي سپريم ڪورٽ جي ججز 9 مئي واقعن جي سي سي ٽي وي فٽيجز تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله 9 مئي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اطهر من ٽي سوال ڪيو ته جوابدار کي ڪٿان گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس سڃاڻپ ڪيئن ڪئي وئي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار جي سڃاڻپ جيو فينسنگ ذريعي ڪئي وئي ئي کيس گهر مان گرفتار ڪيو ويو. جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته واقعي جي سي سي ٽي وي فٽيجز مليون آهن؟ اهڙن سوالن کانپوءِ جسٽس منصور علي شاهه بئنچ کي ڪنٽرول ڪندي وڪيلن کان عام سوال پڇيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.