هڪ ملڪ، ٻه فيصلا، پنجاب ۾ بجلي سستي، سنڌ ۾ مهانگي

اسلام آباد/ڪراچي (بيورو/ رپورٽر/ م ڊ) نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي ٻن مهينن جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي.نيپرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ لاءِ مئي ۽ جون جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي. نيپرا ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ مئي جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي ٻه رپيا 59 پئسا في يونٽ ۽ جون جي ايڊجسٽمينٽ مد ۾ بجلي 3 رپيا 17 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي. نيپرا نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مئي جي واڌ آڪٽوبر ۾ ۽ جون جي واڌ نومبر ۾ وصول ڪئي ويندي. هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي يونٽن جي اگهن ۾ واڌ واري خبر تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ واڌ جي خبر درست ناهي. ترجمان چيو ته سيپٽمبر ۾ ايڊجسٽمينٽ  فيول سرچارج (ايف سي اي) 99 پئسا في يونٽ ٿيندي. ايف سي اي آڪٽوبر ۾ 2 رپيا 59 پئسا في يونٽ هوندو، جڏهن ته آڪٽوبر جي بلن ۾ 1.59 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب ايف سي اي نومبر ۾ 3 رپيا 16 پئسا في يونٽ لاڳو ڪيو ويندو ۽ نومبر ۾ 58 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.ان کان اڳ ٻڌايو ويو هو ته نيپرا مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 59 پئسا في يونٽ ۽ جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ لاءِ 3 رپيا 16 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.