سستي بجلي جو واحد حل رڳو ٿر جو ڪوئلو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لاهور واسي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو تھ ٿرڪول منصوبو شھيد بي بي  جو ويزن ھو، جنھن کي صدر آصف علي زرداري پورو ڪيو، ھن چيو تھ اڄ دُنيا چوي ٿي تھ پاڪستان ۾ سستي بجلي جو واحد حل رڳو ٿر جو ڪوئلو آھي، سنڌ سرڪار نوري آباد ونڊ پاور جنريشن پلانٽ سان 100 ميگا واٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي ڏني پئي وڃي، ٽي ھزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پورٽ قاسم کي ٿر ڪول مان ڏني پئي وڃي، سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي سان ئي ٺھي سگھي ٿي پيپلز پارٽي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪجھھ بھ ناھي،  ملاقات جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ لاھور مان آيل سينئر صحافين کي سنڌ اجرڪ ۽ ٽوپي جي تحفا پيش ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.