ايم ڪيو ايم پاڻي بلن ۾ 23 سيڪڙو اضافي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي پاڻي جي بلن ۾ 23 سيڪڙو واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. علي خورشيدي چيو ته قابض ميئر ٽيڪسن جي چڪي ۾ ڦاٿل عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ کان پاسو ڪري، هن چيو ته 4 ڏهاڪا اڳ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو زير زمين انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي. علي خورشيدي چيو ته ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ ۽ سيوريج جي نيڪال جو ڪم نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ فنانس ڪميشن کان مطالبو ڪرڻ بدران قابض ميئر شهري ادارن جو بار عوام تي وجهي رهيو آهي. علي خورشيدي چيو ته جيڪڏهن پاڻي جا بل وڌيا ته ايم ڪيو ايم اسيمبلين سميت هر سطح تي احتجاج ڪندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.