بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف ۾ اڄ ملاقات جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي خدشن سبب اڄ وزيراعظم هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جو امڪان آهي. ذريعن موجب، بلاول ڀٽو وزيراعظم سان ملاقات ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين تي خدشن جو اظهار ڪندو، مسلم ليگ ن پاران ٻٽي پاليسي اختيار ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران پنجاب ۾ لکت ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ٿيڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کي آءِ ايم ايف جي پابندين جو راڳ روئيندي آهي، ڇا آءِ ايم ايف کي پنجاب ۾ سبسڊي ڏيڻ تي اعتراض نه هوندو؟ آءِ ايم ايف جو نالو صرف سنڌ جي حوالي سان ئي ڇو ورتو وڃي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ٿر ۾ موجود ڪوئلي کي سستي بجلي لاءِ استعمال ڪندي مهانگي بجلي جي مسئلي جو ڊگهي مدي تائين حل جي به تجويز ڏيندو. پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي معاملي تي وفاق سنڌ سان ڳالهه ٻولهه ڪري ته ڪو ڊگهو عرصي تائين لاءِ حل ڳولي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.