خيرپور (رپورٽر)راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي خيرپور جي سيشن ڪورٽ ۾ ٿي، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر کي درخواست لکي ڪيس هلائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سيشن ڪورٽ خيرپور جي جج منور سلطانه ڪيس دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ھلڻ جوڳو قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس دهشتگردي ٽوڙي عدالت ۾ هلڻ جوڳو آهي جنهن ڪري سيشن ٽرائل کان معذرت ڪجي ٿي، هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري ته ڪيس کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ هلائڻو آهي يا سيشن ڪورٽ ۾ ھلايو وڃي، سيشن جج چيو ته ته جيستائين ريفرنس تي هاءِ ڪورٽ جو جواب نه ايندو تيستائين اسان ڪيس کي انٽرٽين نه ڪنداسين، ياد رهي ته فاطمه ڦرڙو ڪيس جي گذريل ٻڌڻي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي گذري هئي، جنهن دوران ڪيس سيشن ڪورٽ خيرپور ڏانھن منتقل ڪيو ويو ھو، سيشن ڪورٽ ۾ ڪالهه پهرين ٻڌڻي هئي پر عدالت ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران قتل ٿيل نينگري جي ماءُ طرفان حلفيا بيان داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيس جي فريادي ماءُ چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن تحت مون کان صحيح ڪرائي ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪڏهن عدالت پير اسدالله شاهه، پير فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز کي ضمانت ڏي ٿي ته اسان کي ته ڪو اعتراض ناهي. حلفيه بيان ۾ هن پنهنجي ڌيءُ جي موت کي فطري ۽ گرفتار جوابدار کي بيگناهه قرار ڏيندي چيو ته ٻارڙي جو موت قدرتي هو، جوابدار جوابدار معصوم آهن، ضمانت ٿيڻ تي کيس ڪوبه اعتراض نه هوندو، ٻي پاسي سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاطمه ڦرڙو جي والد نديم علي ڦرڙو ۽ والده شبنم ڦرڙو چيو ته ليگل ايڊ ڪميٽي وڪيلن جي معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا سين پر سيشن ڪورٽ ڪيس بابت هاءِ ڪورٽ کي ريفرنس موڪلڻ جو چئي ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي، پر انصاف جي آخري اميد تائين ڪيس وڙهنداسين، نديم ڦرڙو انڪشاف ڪندي چيو ته مطهر مسلم ماڊل اسڪول راڻيپور جي سربراهه سرور ميمڻ معرفت پئسن جي آڇ ٿي پر اسان نياڻي جو خون وڪرو ڪرڻ نٿا چاهيون.