ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد سهتو جي ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي وزير اعطم شهيد بينظير ڀٽي جو ڀاءَ ميرمرتضي ڀٽي قتل ڪيس ۾ عدالت سمورن جوابدارن کي پهرين آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذار مير مرتضي ڀٽو جي ملازم نور محمد ۽ سرڪار پاران ڪيس ختم ڪرڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي . عدالت کي ٻڌايو ويو ته پوليس آفيسر واجد دراني بيمار آهي هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي .عدالت شعيب سڊل ۽ واجد دراني کي هڪ ڏينهن حاضري تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي .