فاروڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون، ملڪ ۽ قوم سان وفادار آهيون: پير فضل شاهه جيلاني

راڻي پور (ن ع آ)پيپلزپارٽي اڳواڻ ايم اين اي پير فضل علي شاھ جيلاني چيو آهي ته ملڪ ۾ نوانوي پرسنٽ ۽ هڪ پرسنٽ سچ ڳالهايو وڃي  ٿو پارٽي ۾ اسان جي خلاف وڏيون سازشون ڪيون ويون آهن هارائڻ لاءِ پڻ سازشون ڪيون ويون پر منهنجي مرشد بابا سائين پير عبدالقادر شاه جيلاني جي دعائن سان هر ڀيري سرخرو ٿيس هر سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جا باني ڪار اسان آھيون اسان پارٽي کي ڪڏھن به ٽوڙڻ نه ڏينداسين ڪو به فاروڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون مخدوم صاحب اسان سان تعزيت ڪرڻ آيو هيو اسان ملڪ ۽ قوم سان سچا وفادار آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.