ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪارساز واقعي بابت انصاف جي فراهمي تي شڪ پيدا ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جي اهم شخصيتن پاران به خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ بختاور ڀٽو زرداري ”ايڪس“ تي لکيو آهي ته ڪنهن گاڏي ماڻهن کي نه چيڀاٽي ماريو آهي پر اها هڪ عورت هئي، جنهن کي پنهنجي ڪيل ڪم تي ڪا به پريشاني يا شرمندگي ناهي، سندس نشي جي رپورٽ اچڻ اڃا باقي آهي. بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري چيو آهي ته گل احمد برانڊ جي مالڪ جي گهر واري (قاتل) نتاشا دانش جو چهرو ظاهر ڪري ٿو ته هوءَ پنهنجي لينڊ ڪروزر هلائيندي هوش ۾ هئي ۽ سندس ڪار مڪمل ڪنٽرول ۾ هئي. سينيٽر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اهو معمول آهي ته بااثر ماڻهن کي اسپتالن ۾ ذهني مريض قرار ڏنو ويندو آهي ته جيئن غريب ۽ بيگناهه ماڻهن جي قتل لوڙهي سگهجي.سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل لکيو آهي ته شاهه رخ جتوئي، ظهير جعفر ۽ نتاشا، مجموعي طور تي اتفاق اهو آهي ته سمورا جوابدار ارب پتي آهن ۽ سڀئي ذهني مريض ڄاڻايا پيا وڃن.اڳوڻي اداڪارا ۽ سماجي ورڪر رابي پيرزاده چيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو غريبن کي سزا ڏني ويندي آهي، مان يقين سان چئي سگهان ٿي ته هن عورت کي سزا نه ملندي، اسان جون عدالتون کيس ملڪ کان ٻاهر موڪلينديون.