ڪار ساز حادثو: جوابدار عورت جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ڪارساز جي حادثي واري ڪيس ۾ جوابدار نتاشا کي سخت سيڪورٽي ۾ عدالت ۾  پيش ڪيو ويو .عدالت  جوابدار نتاشا کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيوآهي .پوليس جوابدار جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي . جوابدار جي وڪيل چيو جوابدار خلاف ڪيس قابل ضمانت آهن، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ قلم 322 جو اضافو ڪيو ويو آهي. جاچ آفيسر وڌيڪ چيو سيڪشن 322 غير ضمانتي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ها معلومات  ڪريون ته عورت ڪهڙي دوا پيتي هئي جنهن سان حادثي ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا،  عدالت جوابدار نتاشا سان پچاڻو ڪيو ته تنهنجي مڙس جو نالو ڇا آهي؟  جوابدار جواب ڏيندي چيو آهي، منهنجي مڙس جو نالو دانش آهي، عدالت پچاڻو ڪيو ته پوليس توهان تي ڪو تشدد ڪيو ڇا؟  نتاشا جواب ڏيندي چيو ته مون تي ڪا به تشددنه ڪيو ويو آهي .عدالت جوابدار کي جڊيشنل  رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيوآهي،ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.