ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سعيد غني چيو آهي ته ڪارساز واقعي جي متاثر خاندان کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت فوت ٿيندڙ پيءُ ۽ ڌيءُ جي خاندان سان گڏ بيٺي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪارساز سانحي ۾ فوت ٿيندڙ عمران جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي ڪيو. ان مواقعي تي صوبائي وزير شاهينه شير علي، اقبال سانڌ، سرور خان غازي، ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ شهزاد عباسي ۽ ٻيا موجود هئا. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪارساز سانحي جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ حاصل ڪئي آهي ۽ پوليس کي به هدايتون ڏنيون آهن ته انصاف جي تقاضا پوري ڪئي وڃي ۽ حادثي جي ذميوار خاتون کي قانون ۽ آئين موجب سزا ڏني وڃي.