اسٽيٽ بئنڪ پاران پلاسٽڪ ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ تي غور ويچار

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ ۾ پلاسٽڪ جا ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ پلاسٽڪ ڪرنسي تي غور ويچار ڪيو ويو.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هو نون ڪرنسي نوٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ڏسندا ته پلاسٽڪ جي نوٽن جي زندگي ڪيتري آهي، هن سال جي آخر تائين نون نوٽن جي ايڪسر سائيز مڪمل ڪئي ويندي.گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته سمورا ڪرنسي نوٽ تبديل ڪيا ويندا.رابطا ڪميٽي ميمبر شاهزيب دراني چيو ته اسان پلاسٽڪ جي خاتمي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ توهان چاهيو ٿا ته پلاسٽڪ جي ڪرنسي آڻينداسين.گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته سمورن ڪرنسي نوٽن کي تبديل ڪنداسين .  ڪميٽي جي ميمبر شاهزيب دراني چيو ته اسان پلاسٽڪ جي خاتمي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ توهان چاهيو ٿا ته پلاسٽڪ جي ڪرنسي آڻينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.