ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي)ڪشمور ٿاڻي جي حد بجلي گريڊ اسٽيشن وٽ انڊس هاءِ وي تي نامعلوم ھٿياربند فائرنگ ڪري پرائمري اسڪول جي پي ايس عبدالطيف کوسي ۾ پڙھائيندڙ استاد فھد کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا، ڪشمور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي مقتول جو لاش تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته پراڻي دشمني تان پلاند ۾ پرائمري استاد کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.