اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف باني طرفان فيض حميد جي اوپن ٽرائل جي مطالبي تي سيڪيورٽي ذريعن سخت ردعمل ڏنو آهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته مطالبو ٿو ڪيان فيض حميد جو اوپن ٽرائل ڪيو وڃي، ميڊيا کي ڪوريج جي پهچ ڏني وڃي. ان معاملي تي سيڪيورٽي ذريعن سخت ردعمل ڏنو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني ڪير ٿيندو آهي ٻڌائڻ وارو ته پي ٽي آءِ باني جو ٽرائل اوپن ڪورٽ ۾ ٿيندو يا نه؟ ذريعن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جو ان معاملي ۾ ٽرائل ٿيو ته تسلي رکو اوپن ئي ٿيندو، سڄي دنيا کي خبر پوندي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڇا ڪندو ۽ ڪرائيندو رهيو آهي.