فيض حميد جيل سپرنٽينڊنٽ ذريعي عمران خان سان رابطي ۾ هو!

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاري بابت اهم ڄاڻ سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب فيض حميد جي گرفتاري جي سببن بابت وزيراعظم شهباز شريف کي رپورٽ ڏني وئي آهي.اعليٰ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ ذريعي عمران خان سان رابطي ۾ هو. ذريعن موجب فيض حميد جيل سپرنٽينڊنٽ سان  اينڊرائيڊ فون بدران پراڻي فيچر فون تي رابطو ڪندو هو، فيض حميد کي 12 آگسٽ تي گرفتار ڪري سندس قبضي مان اهو فون پڻ هٿ ڪيو ويو هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.