فرحان آصف جي بدلي برطانيا کان عادل راجا جي گُهر جو امڪان

اسلام آباد (انصار عباسي) : برطانيا ۾ ڪوڙي خبر ڏئي فساد پکيڙڻ واري شخص فرحان آصف جي لاهور مان گرفتاريءَ کانپوءِ فوج جي ڪورٽ مارشل ڪيل اڳوڻي ميجر عادل راجا تي به ان معاملي ۾ آڱريون کڄي رهيون آهن. جوابدار فرحان آصف تي ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي. برطانوي حڪومت طرفان سندس ٻانهن حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جو امڪان آهي. ان جي بدلي ۾ حڪومت پاران لنڊن ۾ ويهي پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ عادل راجا جي ٻانهن پاڪستان حوالي ڪرڻ جو مطالبو ٿيڻ جو امڪان آهي. برطانيا جيڪڏهن فرحان آصف کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي ته ان جي بدلي پاڪستان عادل راجا جي ٻانهن حوالي ڪرڻ جو شرط رکي سگهي ٿو. عادل راجا ۽ فرحان آصف تي لڳل الزام ساڳي قسم جا آهن، ان لاءِ اهو امڪان آهي ته ٻنهي جي معاملي تي پاڪستان ۽ برطانوي حڪومتون غور ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان ۾ صحافي صابر شاڪر جي خلاف به ڪيس آهن، جيڪو پڻ لنڊن مان ترسيل آهي، جڏهن ته صحافي معيد پيرزاده خلاف پڻ ڪيس آهن پر هو آمريڪا ۾ رهي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.