فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو  فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو باني مسلسل پنهنجي بيانن سان معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا اهڙا بيان ثابت ڪن ٿا ته هو سخت پريشاني جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ باني ثابت ڪري ڇڏيو ته فيض حميد واقعي سندس اثاثو هو.  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير اهو به چيو ته پي ٽي آءِ باني فيض حميد کي ڪڏهن اثاثو، ڪڏهن هيرو ۽ ڪڏهن زيرو چئي رهيو آهي، لڳي ٿو  هو ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هي ماڻهن کي استعمال ڪري ڦٽو ڪرڻ ۾ سندس ڪو ثاني نه اٿس، پي ٽي آءِ باني کي محسن کي پٺي ۾ خنجر هڻڻ جو مهارت حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.