راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مان جنرل فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪريان ٿو، ميڊيا کي اوپن ٽرائل جي ڪوريج تائين رسائي ڏني وڃي. عمران خان چيو ته فيض حميد جي اوپن ٽرائل سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته جنرل فيض حميد سان منهنجو تڏهن ئي رابطو هو جڏهن هو ڊي جي آءِ ايس آءِ هو، تڏهن کان منهنجو ساڻس ڪو به رابطو ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن ڪو رٽائر ٿئي ٿو ته هيرو بڻجي وڃي ٿو، هن چيو ته وٽس اختيار ناهن، جنهن وٽ اختيار ناهن. عدالتي ڪمري ۾ موجود صحافي رضوان قاضي موجب اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ان طريقي سان اوپن ڪورٽ جي ڪارروائي مان وڏيون ڳالهيون سامهون اينديون، نيون ڳالهيون معلوم ٿينديون ته ڇا ٿيو ۽ ڇا ٿي رهيو آهي.