لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) لاڙڪاڻي شهر سميت مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ پانڌيئڙن جي ڪوچ ايران جي يزد شهر ۾ تيز رفتاريءَ سان ڪلٽي ٿي اسڪول جي ڀت سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 35 پانڌيئڙا شهيد ۽ 23 زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ايراني پوليس، ريسڪيو ٽيمون سميت ٻيون لاڳاپيل اختياريون واقعي واري هنڌ پهچي شهيد ۽ زخمي ٿيلن کي ڪوچ مان ڪڍي يزد شهر جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر واسي سالار سيد اطهر حسين شاھ شمسي گذريل جمعي ڏينهن چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي لاڙڪاڻي مان اربعين ڏانهن قافلو وٺي وڃي رهيو هو جنهن ڪوچ ۾ لاڙڪاڻي، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، سن، ميهڙ قمبر، شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز ۽ ٻين شهرن سان واسطو رکندڙ زائرين آصف خان سرڪي، اعجاز علي مڱڻهار، پروين لنجار، عبدالوهاب، رابيل فريد کهاوڙ، منتظر مهدي کهاوڙ، سيرت عباس شاھ، رخسانه پروين شاهھ، ڪنيز زهره، شعيب علي لاڙڪ، مجاهد علي لاڙڪ، زرمينه قربان، محمد بخش خاصخيلي، ظهير عباس ميمڻ، غيور علي ميمڻ، جبار عباسي، صدام حسين خاصخيلي، غلام عباس اوڍو، نثار احمد جوکيو، سڪندر علي، محبت علي لنڊ، سلميٰ بيگم لنڊ، عبدالوهاب جاگيراڻي، سليمان مصطفيٰ شيخ، حيدر علي، وفا عباس ديناري، ظهور حسين، سعديه آزاد، ڪريمان خاتون، رستم علي، ڪائنات رستم علي، نسيم اختر کهاوڙ، ريمان جاويد، صنم نادر علي، رحمت خاتون مغيري، حبيب الله سومرو، نور محمد کوسو، فياض علي، خورشيد علي ميراڻي سميت ٻيا سوار هئا، جيڪي حادثي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿي پيا. ايراني ميڊيا موجب حادثو ڪوچ جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اهڙي افسوسناڪ حادثي جي خبر پوڻ شرط ئي لاڙڪاڻي شهر سميت ٻين شهرن ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ان حوالي سان شهيدن جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو آهي ته ڪوچ جي حالت انتهائي خراب آهي جنهن ۾ سوار اسان جي وارثن ڪيترائي ڀيرا سالار سيد اطهر حسين شاهه شمسي کي شڪايتون ڪيون پر هن تدارڪ نه ڪيو ويتر هن پنهنجي موبائيل فون بند ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو سانحو پيش آيو آهي. هنن وزيراعظم پاڪستان، پاڪستان جي پرڏيهي وزير سميت ايران ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوچ سانحي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث سالار ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
-
ڪنڌڪوٽ واسي هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڀاتين سميت 6 ڄڻا به فوت
ڪنڌڪوٽ (ن ع آ ) ڪنڌڪوٽ جا ھڪ ھي خاندان گلشير پاڙو واسي رستم سھرياڻي، سندس گھر واري ڪريمان خاتون، ڌيءُ ڪائنات، ننھن سعديه، ريما خاتون ، سيرت عباس شاھ به انھي بدنصيب بس ۾ سوار ھئا، حادثي جو اطلاع ملندي ئي سندس گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، جو ڊي سي ڪنڌڪوٽ امير فضل اويسي وارثن کي ڇھن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي وارثن تڏو وڇائي ڇڏيو، فوتين جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان حڪومت بنا دير ايراني سفارتخاني سان رابطو ڪري اسان جي پيارن جا لاش واپس ڪرائي ڏي جيئن اسين آخري رسمون ادا ڪري سگھون.
-
حادثي جو شڪار بس جا سي سي ٽي وي فوٽيج وائرل
لاڙڪاڻو: اربعين لاءِ عراق ويل ڪوچ سان پيش آيل حادثي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن جنهن ۾ ڪوچ کي تيز رفتاري سان ايندي ۽ ڀت سان ٽڪرائجندي ڏسي سگهجي ٿو جتي روڊ تي موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ٿي جنهن کان پوءِ ريسڪيو ٽيمون پهچي پانڌيئڙن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
-
صدر، وزيراعظم ، بلاول ، سينيٽ چيئرمين پاران به افسوس جو اظهار
لاڙڪاڻو: صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين سينيٽر، گورنر سنڌ، گورنر ڪي پي ڪي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف، پ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر علامه راجا ناصر عباس، پنجاب جي اڳوڻي گورنر، پ پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، سي اِي سي جي ميمبر ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري سميت ٻين طرفان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
-
زائرين سان پيش آيل حادثي تي ڏک پهتو آهي: مراد علي شاهه
لاڙڪاڻو: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي ڪوچ سان ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ايران روڊ حادثي ۾ شهيد ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. حادثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني وئي آهي ته لاڙڪاڻو کان 50 کان 55 زائرين جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد ۽ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعليٰ سنڌ صوبائي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۽ پرڏيهي وزارت سان لاشن جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.
-
ايران ۾ حادثي جو شڪار ٿيل بدنصيب بس ۾ خيرپور واسي 10 ڄڻا به سوار هئا
خيرپور (ن ع آ ) ايران جي شهر يزد ۾ حادثي جو شڪار بڻيل زائرين جي بس ۾ خيرپور شهر جا 10 ڄڻا به سوار هئا جن ۾ خيرپور جي مير علي بازار جو رهواسي جابر عباسي، اڇي کوهي جو رهواسي محمد بخش خاصخيلي، صدام خاصخيلي، مل ڪالوني جا رهواسي مجاهد لاڙڪ، شعيب لاڙڪ، لقمان جو رهواسي آصف سرڪي، خانڻ شاهه جو رهواسي اعجاز علي منڱڻهار ۽ ٻيا شامل آهن حادثي جو شڪار بڻيل زائرين جي گهرن ۾ بيچيني واري لهر ڇانيل آهي.
-
قافلي ۾ ٻه بسون هيون،اسين پٺيان ايندڙ ۾ هئاسين: اطهر شمسي
لاڙڪاڻو: ايران يزد ۾ حادثي جو شڪار ٿيل ڪوچ ۾ سوار پانڌيئڙن جي قافلي جي سالار سيد اطهر حسين شمسي سوشل ميڊيا تي پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مان مولا جي زوار جو نوڪر آهيان، اسان جي قافلي ۾ ٻه بسون شامل هيون جيڪي اربعين ڏانهن روانيون ٿيون جن مان هڪ بس ۾ مان هيس، منهنجا ساٿي شهادت جي منزل ماڻي چڪا آهن، منهنجي به خواش مان به خواهش آهي ته ٻين شهيدن جيان شهادت ماڻيان پر شهادت منهنجي نصيب ۾ نه هئي، حادثي جو شڪار ٿيل بس پويان ٻي بس هئي جنهن جي ويزا ۽ ڊرائيورن جي ڪاغذن جو مسئلو ٿيو جنهن ۾ ڊرائيورن جا پاسپورٽ گم ٿي ويا هئا جنهن ڪري اسان جي ڊي ايم سي واري گاڏي پوئتي رهجي وئي .
-
زائرين سان پيش آيل حادثي تي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه پاران ڏک جو اظهار
خيرپور ( رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ پاران ايران جي شھر يزد ۾ پاڪستاني زائرين سان پيش آيل بس حادثي ۾ فوت ٿي ويل 35 ڄڻن تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو ويو آهي سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته ايران ۾ ٿيل بس حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي حادثي ۾ زخمي ٿيل زائرين جي صحتيابي لاء دعاگو آهيان فوتي زائرين جي وارثن سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله پاڪ فوتين جي وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
-
زائرين لاڙڪاڻي جي نذر پاڙي ۾ قائم ٽور آپريٽر ذريعي ايران ويا هئا: ڊي سي
لاڙڪاڻو : ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ٻڌايو ته زائرين لاڙڪاڻي جي نذر پاڙي ۾ قائم ٽور آپريٽر ذريعي ايران ويا هئا.حادثي کان پوءِ ٽور آپريٽر جي آفيس بند آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته حادثي بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ۽ کين فوري طور پاڪستان آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.
-
ناليواري مذهبي اسڪالر شھنشاھه نقوي پاران به ڏک جو اظهار
خيرپور (ن ع آ )ملڪ جي نامور مذهبي اسڪالر علامه سيد شھنشاھ حسين نقوي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران مان گذرندڙ زائرين امام حسين عليه السلام جي بس سان پيش آيل روڊ حادثو افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن ۾ عزادار شهيد ٿي ويا ۽ڪيترائي زائرين امام حسين عليه السلام سخت زخمي ٿي پيا آهن ھن چيو ته الله تعاليٰ شھيدن جا درجات بلند فرمائي ۽ الله پاڪ زخمين کي جلد صحتيابي ڏئي ھن چيو ته اسان ھن ڏک جي گھڙي ۾ شھيدن جي واثن ۽ زخمين جي وارثن سان برابر جا شريڪ آهيون ھن چيو تہ قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته جيڪو به الله ۽ ان جي رسول ڏانهن هجرت ڪري ٿو ۽ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ته الله تعاليٰ ان کي اجر ۽ ثواب ڏيندو.