رياست عوام کي سوشل ميڊيا مان پيدا ٿيندڙ فتني کان پري رکي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جو مستقل محفوظ هٿن ۾ آهي، پاڪستان جي ڏيوالي جون ڳالهيون ڪندڙ هاڻ ڪٿي آهن؟ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي نوجوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته عوام، حڪومت ۽ فوج وچ ۾ مضبوط رشتو ئي پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي، رياست جي ذميواري آهي ته عوام کي سوشل ميڊيا سان پيدا ٿيندڙ فتني جي نقصانن کان پري رکي. هن چيو آزاد رياست جي اهميت ڄاڻڻي آهي ته ليبيا، شام، ڪشمير ۽ غزا جي عوام کان پڇو، مسلمان جي حيثيت سان اسان کي نااميدي کان روڪيو ويو آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو قيمتي ۽ سرمايو نوجوان آهن، ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جو قيمتي سرمايو ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو منهنجو ايمان آهي ته خدا پاڪ اسان کي دهشتگردي خلاف فتح عطا ڪندو. چيف جسٽس چيو ته منهنجو يقين آهي ته الله پاڪ اسان کي دهشتگردي خلاف فتح عطا ڪندو، خيبرپختونخواهه جو عوام 22 سالن کان دهشتگردي خلاف فوج سان گڏ بيٺو آهي.   آرمي چيف پارا چنار ۾ فسادن بابت هڪ سوال جو جواب پڻ ڏنو. هن چيو ته سمورن قبيلن ۽  اڳواڻن کي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ سمورن تڪرارن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. آرمي چيف پڻ نوجوانن کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته زندگي هڪ امتحان آهي، قرآن جي آيت پڙهو، ”ڇا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته اسان ايمان آندو ان چوڻ سان کين ڇڏي ڏنو ويندو، پوءِ ڇا کين آزمايو نه ويندو؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.