راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر)پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته اسان ادارا بچائڻ چاھيون ٿا شھيد راڻي جي پيپلزپارٽي کي بچائڻ جي لاءِ نڪتا آھيون سنڌ جون حالتون تمام خراب ٿي چڪيون آهن ملڪ جي خاطر هم خيال پراڻن پيپلزپارٽي جي سچن ڪارڪنن کي ساڻ ڪري اعليٰ قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گڊ گورنس کي بحال ڪرڻ لاءِ روبرو ملاقات ڪنداسين، ان کي اسان جي ڳالھه تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اغوا ڦرون ۽ سنڌ جي اقليتي ماڻھن کي تنگ ڪيو پيو وڃي ان تي آرمي چيف کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي ان تي اسان جي مدد ڪيو جان آجي ڪرايو سنڌ جا ماڻھو اغوا ٿي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اهم اشو موٽروي جيڪو سنڌ جي خاص ضرورت آهي ان کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان شھباز شريف سان ملاقات ڪندس، اسان ڪو به پيپلزپارٽي ۾ ڪو به فاروڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون اسان جو مقصد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم ڪرڻ چاھيون ٿا صرف سنڌ جي ووٽن تي وزيراعظم نه ٿيندو بلڪ پوري پاڪستان مان اڪثريت حاصل ڪرڻي پوندي، جڏھن ته سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ پيپلز پارٽي ختم ٿي چڪي آهي. مخدوم جميل الزمان پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاهه سان گڏجي راڻيپور وادي زهرا پهچي زيارت ڪئي ملڪ لاءِ دعائون گهريون.