سينيٽ ڪميٽي ۾ پ پ پاران سولر بابت ڳجهي بريفنگ تي اعتراض، مني لانڊرنگ جو الزام

اسلام آباد (م ڊ): ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، اميد آهي ته سيپٽمبر ۾ آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان جو ڪيس اچي ويندو.  سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پيپلز پارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام بابت ڪجهه ڌريون غلط معلومات پکڙي رهيون آهن، اميد آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ مان سيپٽمبر ۾ پروگرام جي منظوري ملي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن ۽ جيڪي معاملا طئي ٿي ويا آهن انهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت آءِ ايم ايف جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سينيٽ  ڪميٽي 2 حڪومتي بلن جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي، سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اهڙي طرح بل جي منظوري ناممڪن آهي، سينيٽ يا قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ کانسواءِ ڪو به بل ڪميٽي ۾ نٿو اچي سگهي. سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نگران حڪومت دوران سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل  جي ڪا به حيثيت ناهي، نگران حڪومت کي قانون سازي جو ڪو به حق ناهي. بعد ۾ قانون واري وزارت جي ڊپٽي ڊرافٽسمين فاروق ايڇ نائيڪ جي موقف جي توثيق ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي آڪٽوبر تائين قانون سازي جو يقين ڏياريو ويو آهي، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته بل پهرين قومي اسيمبلي ۽ پوءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڊپوزٽ پروٽيڪشن ترميمي بل نگران حڪومت جي دور ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن تي سينيٽر فاروق نائڪ چيو ته نگران حڪومت ۾ هي بل غير آئيني طور تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو،  بل کي پارليامنٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. ايف بي آر ۾ فنانس ڪميٽي گذريل 2 سالن دوران او ايس ڊي آفيسرن جي ايجنڊا  ان ڪئميرا ڪري ڇڏيو.  سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته ان ايجنڊا کي ان ڪيمرا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سولر پينلز جي امپورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ان مني لانڊرنگ ۾ وڏا نالا آهن، جيڪڏهن ان ايجنڊا کي ان ڪيمرا ڪيو ويو ته احتجاج ڪنداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.