پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور انتظاميا پاران اجلاس ملتوي ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته اڄ ترنول چوڪ تي جلسو ٿيندو ۽ هر صورت ۾ ٿيندو.پنهنجي وڊيو پيغام ۾ علي امين جو چوڻ هو ته عدالت پاران اجلاس جو اين او سي ڏنو ويو ۽ ڪمشنر طرفان معطل ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت جي ڏاڍ، جبر ۽ غير قانوني عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا.هن خيبرپختونخواهه جي ڪارڪنن کي 3 وڳي صوابي انٽرچينج تي پهچڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اڄ فيصلو ڪندڙ ڏينهن هوندو،هن چيو ته جلسو ٻڌائيندو ته عوام جي طاقت وڌيڪ آهي يا مينڊيٽ چوري ڪندڙ حڪومت کي وڌيڪ طاقت آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته صوابي مان پختون عوام جي قيادت ڪندس.اسين هر حال ۾ هي جلسو ڪنداسين، اسان ٻڌائينداسين ته پي ٽي آءِ باني عمران خان اسان جو اڳواڻ آهي.