پي ٽي ايم ۽ سني تحريڪ سان گڏ ڌرڻي جو خدشو،پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ملي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي  ضلعي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فيصلي جو نوٽيفڪيشن چيف ڪمشنر اسلام آباد جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو ته ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس چيف ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد پڻ شرڪت ڪئي. نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي رڪارڊ کي ڏسندي ريلي جي اجازت رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، امن امان جي سنگين صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به پارٽي کي جلسي جي اجازت نه آهي.بيان موجب آءِ جي اسلام آباد ريلي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان به معذرت ڪئي، بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم به اسلام آباد ۾ آهي. آءِ جي اسلام آباد چيو ته خدشو آهي ته پي ٽي ايم ۽ سني تحريڪ به سندس حمايت ڪنديون.هوڏانهن  تحريڪ انصاف جي جلسي واري جاءِ تي شڪي بيگ جي موجودگي تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو. شڪي ٿيلهو جلسي واري هنڌ مسجد ۾ رکيل هو.اطلاع ملڻ تي مسجد کي خالي ڪرايو ويو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.