سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿيو آهي: پي ٽي اي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان فائر وال جي ترديد ڪندي چيو آهي ته لفظ فائر وال لفظ ڪٿي به ناهي، پاڪستان ۾ ويب مئنيجمينٽ  سسٽم آهي، جڏهن ته سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿيو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي اي چيئرمين چيو ته فائر وال ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آهي، ڪٿي به فائر وال جو لفظ ناهي، اهو توهان پاڻ ٺاهيو آهي، ڪنهن چيو ته اها فائر وال آهي، پر هي ويب مينيجمينٽ سسٽم آهي.ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان چيو ته هي سسٽم رڳو سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل ناهي، فائر وال سان پروپيگنڊا کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟ اهو نٿو ٿي سگهي، هن وقت سوشل ميڊيا تي ججن ۽ وزيراعظم خلاف ميمز هلي رهيون آهن، جيڪڏهن ايئن مينيج ٿئي ها ته اسين بند نه ڪري ڇڏيون ها. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيد امين الحق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي اي چيئرمين ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا سروسز ۾ خلل بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.چيئرمين پي ٽي اي بريفنگ ۾ ڪميٽي کي ٻڌايو ته سب ميرين ڪنسورشيم آگاهه ڪيو آهي ته سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿيو آهي، 7 فائبر آپٽڪ ڪيبل پاڪستان ۾ اچن ٿيون، جن مان هڪ خراب ٿي وئي آهي. 27 آگسٽ تائين ڪيبل ٺيڪ ٿي ويندي.هن چيو ته هن صورتحال ۾ وي پي اين جي استعمال سبب مقامي انٽرنيٽ ڊائون ٿيو، ويب مئنيجمينٽ سسٽم 2006ع ۾ وجود ۾ آيو، مارچ 2019ع ۾ فائر وال سسٽم جي منظوري ڏني وئي ۽ 2019ع ۾ ان سسٽم جي اپ گريڊيشن شروع ڪئي وئي، ان نظام کي ڪو فائر وال سڏي ٿو ته ڪو ٻيو نالو، اسين ان کي ويب مينيجمينٽ سسٽم چوندا آهيون.ان دوران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سوال ڪيو ته جيڪڏهن ويب مينيجمينٽ سسٽم يا فائر وال سسٽم سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ مواد کي متاثر ڪري ٿو ته توهان ان کي بلاڪ ڪندا پر ان جا ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇا انٽيليجنس ايجنسين وٽ اها صلاحيت آهي ته اهي مداخلت ڪري شين کي بلاڪ ڪن؟ جنهن تي پي ٽي اي چيئرمين جواب ڏنو ته اهو نظام اوهان جي حڪومتي دور ۾ متعارف ڪرايو ويو هو. اجلاس ۾ سيد امين الحق سوال ڪيو ته انٽرنيٽ سروس متاثر ڇو آهي؟ فائر وال لڳايو آهي يا نه؟ پي ٽي اي کي گهرجي ته ميڊيا کي آگاهي ڏئي ته جيئن عوام کي خبر پوي.پي ٽي اي چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت حڪم ڏنو آهي ته فائر وال لڳايو وڃي، پي ٽي اي ان تي عمل ڪري رهي آهي، خبر ناهي ته فائر وال جي ڪري سسٽم سست ٿي ويو آهي، فائر وال جي اپگريڊيشن پهريون ڀيرو نه پئي ٿئي، پر فائر وال بابت مڪمل وضاحت وفاقي حڪومت ڏئي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وي پي اين بند نٿا ڪري سگهون، اها خبر غلط آهي ته وي پي اين بند ٿي رهي آهي. بعد ۾ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ آءِ ٽي سيڪريٽري کان فائر وال بابت ٽيڪنيڪل بريفنگ گهري ورتي.اجلاس ۾ پي ٽي اي صدر جي نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، احمد عتيق چيو ته سب ميرين ڪيبل سبب انٽرنيٽ سست ناهي ٿيو، بئريسٽر گوهر چيو ته سب ميرين جي ڪري ڪنهن ٻي ملڪ ۾ انٽرنيٽ رفتار سست ڇونه ٿي؟ چيئرمين پي ٽي اي چيو ته پي ٽي اي 2010 ۾ وي پي اين جي رجسٽريشن شروع ڪئي، وي پي اين جي رجسٽريشن ان ڪري ڪئي وئي ته جيئن ماڻهو ان کي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪري سگهن. چيئرمين پي ٽي اي چيو ته اسان جو سسٽم 5 يا 6 ڏينهن تائين متاثر ٿيو، 15 آگسٽ کان سسٽم ٺيڪ ٿي ويو، سست انٽرنيٽ سبب ٽيلي ڪام سيڪٽر کي 30 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت اسان کي چوندي آهي ته ڪنهن به سائيٽ کي بلاڪ ڪيو وڃي، پي ٽي اي پابند آهي ته بغير ڪنهن سبب جي ويب سائيٽ بلاڪ ڪري، چيئرمين پي ٽي اي چيو ته 22 آڪٽوبر 2020 تي عمران خان جي ڪابينا فائر وال لڳائڻ جو چيو، مون اهو ناهي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم انڪار ڪيو، 22 آڪٽوبر 2020 واري ڪابينا جي منٽس ۾ فائر وال لڳائڻ جو هو، پي ٽي اي وفاقي ڪابينا جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي.چيئرمين ڪميٽي آءِ ٽي سيڪٽر، ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ انڊسٽري کي ايندڙ اجلاس ۾ نقصان جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ڪميٽي ميمبرن چيو ته انٽرنيٽ جي سستي سبب آئي ٽي سيڪٽر متاثر ٿيو آهي، ٿرپارڪر ۾ 75 سيڪڙو نيٽ ورڪ ڪم نه ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ موبائيل فون جا سگنل انتهائي ڪمزور آهن، پنجگور ۾ گذريل ٽن سالن کان انٽرنيٽ سروس ناهي. اسان کي پي ٽي اي ڪو جواب نه ٿي ڏي، ڇا اسين پاڪستان ي ناهيون، جيڪڏهن سيڪيورٽي خدشن جي ڪري سروس بند آهي تڏهن به ٻڌايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.