روزاني عوامي آواز جي اڳوڻي مئنيجينگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي وڇڙئي 7 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي( رپورٽر) روزاني عوامي آواز جي اڳوڻي مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ ترقي پسند اڳواڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي وڇڙئي 7 ورهيه وهامي ويا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي اڄ ستين ورسي ملهائي ويندي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، احمد خان  جمالي ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ حصيدار ٿيو  ۽ آخري دم تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان جُڙيل رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پيو، کيس دل جي بيمارين واري اداري اين آءِ سي وي ڊي نيو ويو پر سندس زندگي ساٿ نه ڏنو،هو 63 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بس ٽرمينل شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ واري معاملي ۾ جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻين شهرن وٺندر بس ٽرمينل شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي  تي جواب طلب ڪري ورتو آهي .عدالت درخواست کي ٻئي هفتن جي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي .عدالت ٽرانسپوٽ کاتي پاران جواب جمع ڪرايو ويو آهي .عدالت کي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جي نالي سان ڪابه گاڏيون نه آهي .درخواستگذار متاثرين ۾ شامل نه آهي .هن پهرين لاڳاپيل فورم کان رجوع نه ڪيو آهي .قانون جي موجب بس ٽرمينل شهر کان ٻاهر هجڻ گهرجي .عدالت پهرين ٻه حڪم ڏئي چڪي آهي .موٽروهيڪل آرڊنينس جي تحت صوبائي حڪومت کي اختيار آهي ته بس ٽرمينٽل شهر سان ٻاهر ڪري سگهي ٿي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.