آڪٽوبر 2020 تي عمران خان ڪابينا چيو ته فائر وال لڳايو!

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي آءِ ٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ذوالفقار ڀٽي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس دوران پي ٽي اي چيئرمين چيو ته 22 آڪٽوبر 2020 تي عمران خان جي ڪابينا چيو ته فائر وال لڳايو، مون اهو ناهي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم انڪار ڪيو، 22 آڪٽوبر 2020 واري ڪابينا جي منٽس ۾ فائر وال لڳائڻ جو هو، پي ٽي اي وفاقي ڪابينا جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي.ان دوران عمر ايوب ۽ ذوالفقار ڀٽي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي، ذوالفقار چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت فائروال لڳائڻ جي اجازت ڏني، توهان الزام وري ايجنسين تي لڳائي رهيا آهيو، توهان ملڪي ادارن تي ايئن پيا الزام هڻو ڄڻ ته دشمن جا ايجنٽ هجو.جنهن تي عمر ايوب چيو ته آئون پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، پارمينٽ مضبوط ٿيندي ته اسين به مضبوط ٿينداسين، بئريسٽر علي گوهر چيو ته اوهان عدالت کي ٻڌايو هو ته ايڪس کي اوهان بلاڪ ناهي ڪيو، جنهن تي پي ٽي اي چيئرمين چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو هو ته گهرو وزارت جي هدايت تي ايڪس بلاڪ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.