حيدرآباد(رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مفاد پرست حڪمرانن سڄي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 28 آگسٽ واري هڙتال مهانگي بجلي ۽ ظالماڻن ٽيڪسن خلاف بغاوت جو اعلان هوندي، وڏيرا شاهي سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ ظلم ۽ ناانصافي جي بازار گرم ڪري رکي آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن حيدرآباد جي هڪ مقامي هال ۾ جماعت اسلامي جي منعقد ڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي هڪ جذبي ۽ مشن جي طور تي ڪم ڪري ٿي، ظلم جي خلاف متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڪنوينشن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر اسامه رضي خان، سيڪريٽري جنرل امير العظيم، ممتاز حسين سهتو، جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.