جرمني ۾ حساس هنڌ جي جاسوسي وارو معاملو

جرمني ۾حساس ھنڌ جي جاسوسي سرد جنگ جو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو، دنيا لاءِ ھن وقت جي وڏي خبر ھي آھي تھ ڪنھن جرمني ۾فوجي اڏن جي ڪنڊيدرا  تارن کي  ڪٽڻ، جرمني ۾ هٿيار ٺاهيندڙ سڀني کان وڏي ڪمپني جي مالڪ کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل ماڻهن جي ٽيليفون جي رڪارڊنگ ڪئي آھي.اھڙي سرگرمي سان اھو محسوس ٿئي ٿو تھ شايد هي 1960ع جي جاسوسي ناول جا ٽڪرا آھن،پر نھ مٿي ذڪر ڪيل وارداتن جو تعلق ھن سال جرمني ۾ حقيقي زندگيءَ جي واقعن جو عڪس آهي.انهن  واقعن جو سڌي ذميداري  تھ روس تي نٿي وجھي سگهجي، پر جرمني، جيڪو يوڪرين کي مسلسل فوجي مدد مهيا ڪري رهيو آهي، روس طرفان ڪنهن تخريبڪاريءَ لاءِ مسلسل الرٽ تي آهي.

گذريل مهيني ان ڏس ۾ وڏي  خبر، سي اين اين ٻڌائي ته آمريڪي عملدارن برلن کي جرمني جي سڀ کان وڏي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو رھين ميٽال کي قتل ڪرڻ جي مبينا سازش بابت ڄاڻ  ڏني هئي.روس ان رپورٽ جي ترديد ڪئي،پر جرمن پرڏيهي وزير اينالينا بيئرباڪ جيڪا جرمن چانسلر اولاف شالٽز کان وڌيڪ سخت لھجو اختيار ڪندي  آهي، ھن روس تي تنقيد ڪئي، ان تي "هائبرڊ جنگ ۽ جارحيت” شروع ڪرڻ جو الزام لڳايو.

جرمن چانسلر شالٽز بچاءَ  واري وزير بورس پسٽوريس ۽ ڊينمارڪ جي وزير اعظم ميٽي فريڊرڪسن سان گڏ بيھڻ سان آرمين پيپرگر جي مضبوط پوزيشن سڀني تي  واضح هئي.نيٽو ملڪن پاران يوڪرين جي دفاعي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪرڻ جي حوالي سان بھ انهن جي اهميت وڌي ٿي.جيڪڏهن ان کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿي وڃي ها ته اولھھ  ملڪن ۾ ھلچل مچي وڃي ها.

سيڪيورٽي جي غلطي سان جاسوس جلد ئي جرمن ايئر فورس جي سينيئر اهلڪارن جي انتهائي حساس گفتگو ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيڪا گفتگو بعد ۾ روسي ٽي وي تي نشر ڪئي وئي.اھا جرمني جھڙي ملڪ لاءِ شرمندگي جو سبب بڻي. هڪ برگيڊيئر جنرل، جاسوسن کي غير محفوظ لائن استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي نظر آيو.جلدي ۾ ئي ٻن جرمن ڄاون روسي شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.انھن تي باويريا  ۾ آمريڪي فوجي هنڌن کي تباهه  ڪرڻ جي رٿابندي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ھو.

جرمن پرڏيهي وزير اينالي بيئرباڪ روسي سفير کي طلب ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته ”اسان پوتن کي ان جي  اجازت نه ڏينداسين ته هو جرمني ۾ دهشتگردي کڻي اچي“.گذريل هفتي، نارٿ رائن ويسٽ فيليا ۾ ٻن فوجي اڏن لاءِ پاڻي جي فراهمي جي سهولت جي چوڌاري  لڳل ڪنڊيدار واڙ ڪافي ھنڌان ڪٽيل ھئي. خدشو  آھي تھ ڪنھن پاڻي کي گدلو ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي.

جرمني اھو واحد يورپي ملڪ  نھ آھي جنھن کي ظاهري طور  تخريبڪاري جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پر اھڙا ڪيترائي آمريڪي فوجي اڏا آهن جيڪي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اتي قائم ڪيا ويا آھن.مارڪ گليوٽيءَ  موجب روس  جرمني کي هڪ وڏي پر ’ڪمزور‘ طاقت طور ڏسي ٿو ۽ ان ڪري ان تي آسانيءَ سان دٻاءُ وجهندو رھي ٿو.ڏٺو وڃي تھ ويجھن سالن ۾ جرمني کي نقصان پهچائڻ  لاءِ  سڀ کان وڏي تخريبڪاري 2022 ۾ روس کان بالٽڪ سمنڊ جي هيٺان هلندڙ نارڊ اسٽريم گيس پائپ لائنن جو ڌماڪو هو.ان حملي جو حڪم ڪنهن ڏنو، ان جو پتو نھ پئجي سگھيو آھي، پر هڪ ڊرامائي اڳڀرائي ڪندي يوڪرين جي ڊائيونگ انسٽرڪٽر  جي گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.وال اسٽريٽ جرنل گذريل هفتي رپورٽ ڪيو ته آپريشن لاءِ فنڊ ڳجهو ھو  پر نگراني يوڪرين مان ڪئي وئي.يوڪرين ان رپورٽ کي رد  ڪري ڇڏيو.

بهرحال سوال ھي آھي  ته صدر پوتن پنهنجي پائپ لائن جي تباهي جو حڪم ڇو ڏيندو. ان مان سمجهھ ۾ اچي ٿو ته جاسوسي جي اونداهي دنيا ۾ ڪيترا موڙ ۽ اڻ ٿيڻون ھونديون آھن.سڀني شڪن  باوجود ان تخريب ڪاري کي فوري طور تي روس ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو، فرانس ۾ اولمپڪ جي دوران ملڪ جي تيز رفتار ريل نيٽ ورڪ تي حملو روسين تي نه ھو، پر ان ۾کاٻي ڌر جا ڪارڪنن شامل ھئا.

جرمني ۾ کاٻي ڌر جي ويڙهاڪن جي حملن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.جرمني جي اندر ڪيئف لاءِ حڪومت جي حمايت بابت صورتحال کان واقف سياسي شاخن  پاران تنقيد کي تيز ڪيو آهي.کاٻي ڌر جي  اڳواڻ ايلس ويڊن ڪيف جي امدادي قسطن  کي منجمد ڪرڻ ۽ يوڪرين کي نورڊ اسٽريم کي رسايل نقصان يورين جي ذمي وجھڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي.تنھن ڪري جيئن يورپ جي سلامتي تي سرد جنگ جو خوف پکڙجي رهيو آهي، تيئن جرمنيءَ جي سياست ۾ غير متوقع تبديليون اچي رهيون آهن.

ان جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾، جرمن حڪومت هڪ نئين قانون تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد نازڪ انفراسٽرڪچر جي حفاظت وڌائڻ آهي.ماھرن موجب نھ رڳو سيڪيورٽي کي نئين سر منظم ڪرڻ پر سائبر سيڪيورٽي کي بھ وڌيڪ اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.