پلر جي پالوٽ جي تباهه ڪارين تي هڪ نظر

تحرير: غلام حسين جوڻو

چوندا آهن ته برسات قدرت جي طرفان نعمت ۽ رحمت آهي. برسات مان انيڪ فائدا آهن برسات پوڻ سان وڻ ٽڻ ڌوپي وڃن ٿا. گاهه ڦٽن ٿا جيڪي جانورن جو بهترين چارو آهن زرعي زمينن کي پاڻي ملي ٿو جنهن سان فصل ڀلا ٿين ٿا. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي درست آهن جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي. پر، ڪڏهن برسات رحمت مان ڦريو زحمت ٿيو پوي. فائدي جي بجاءِ نقصان ڏيو ڇڏي. هاڻوڪيون برساتون به ڪافي حد تائين زحمت ثابت ٿيون آهن. تمام گھڻو نقصان ڪيو اٿن. انهن نقصانن جي متعلق مون جيڪو ڏٺو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو تن جي باري ۾ ڪجهه سٽون لکي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.

هن، وقت سڄي سنڌ ۾ ڦٽيون چونڊجي رهيون آهن. ڦٽين جو چونڊو شروع آهي. اڳ ۾ ڦٽين جو مارڪيٽ ۾ مناسب اگھ به ڪونه ٿو ڏنو وڃي. آبادگارن ان فصل تي جيڪو خرچ ڪيو آهي سو به ڪونه ٿو لهي. جنهن ڪري آبادگار پريشان آهن. ويتر برسات پوڻ سان چونڊاڻي جو ڪم بند ٿي ويو آهي. پلر جي پاڻي پوڻ سان ڦٽيون خراب ٿي ويون آهن ڦٽين جو رنگ ئي ڦري ويو آهي اڇي رنگ مان ڦري ڳاڙهيون ۽ ڪاريون ٿي ويون آهن. جڏهن اهي واپارين وٽ پهچن ٿيون ته مقرر اگھ کان گھٽ پئسا ڏيئي رهيا آهن ۽ هر مڻ تي ڪٽوتي الڳ ڪئي پئي وڃي. برسات جي ڪري هن فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. آبادگارن ۽ هارين جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. انهن جون پريشانيون وڌي ويون آهن. ان کانسواءِ ترن جو فصل به برسات ۾ مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. ان فصل مان به گھربل پيداوار حاصل ٿيڻ ممڪن ڪونهي. جنهن ڪري سرڪار جي طرفان مقرر هدف به پورو ٿي ڪونه سگھندو.

هن وقت بصر پوکڻ جي مند آهي جيڪي بصر پوکيا ويا آهن انهن جي کرن ۾ مينهن جو پاڻي بيهڻ ڪري اهي سڙي ويا آهن. بصرن جي پوکائي جو ڪم هلي رهيو آهي. سو، هاڻ رولڙي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. اهو به وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. کجين جي ڦرڻ جي مند آهي. کجين تي برسات پوڻ سان اها خراب ٿيو وڃي ٿي هاڻ جيڪي برساتون پيون آهن تن به هن فصل کي ڏاڍو نقصان ڏنو آهي. جنهن ڪري اڳ ۾ کجور گھڻي تعداد ۾ وڪرو ٿيندي هئي ۽ ريڙهين تي ملندي هئي. ان ۾ ڪافي گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. چيو پيو وڃي  ته، کجور جي کوٽ پيدا ٿي آهي. ان سبب جي ڪري هن سال کجور ڏاڍي مهانگي ٿيندي. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي فصل آهن جن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ته ڪن کي وري فائدو به ٿيو آهي. جيئن ساريون (چانور) ، ڪمند، ڪيلو وغيره انهن فصلن کي پاڻي جهجهي مقدار ۾ گھربل هوندو آهي

تازين برساتن به سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. چوماسي جي طوفاني برساتن جي ڪري هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي. سنڌ جا ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويا آهن. گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي. هر شيءَ تباهه ٿي وئي آهي. ڪاروبار بند ٿي ويا آهن زراعت تباهه آهي. هن وقت حالت اها آهي جو مينهن جو پاڻي ٻوڙي پيو ته ٻئي طرف واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي گھارا لڳي رهيا آهن . جنهن ڪري به ڪافي تباهي آئي آهي. برسات جي ڪري درياءَ ۾ چاڙهه نظر اچي ٿو.  ڪچي جو علائقو به پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. ڪچي جي زمينن جا زرعي فصل به پاڻي ۾ ٻڏل نظر اچن ٿا. انديشو آهي ته درياءَ ۾ چاڙهه جي ڪري وڏي ٻوڏ به ٿي سگھي ٿي. جيڪا وڌيڪ نقصان پهچائي سگھي ٿي. غريب ماڻهو متاثر ٿي سگھن ٿا ان امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگھجي. ٻڌايو پيو وڃي ته اڃا وڌيڪ برسات پوڻ جا امڪان آهن ۽ ٻوڏ به ٿي سگھي ٿي، ان ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ لاءِ عوام کي هينئر کان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ جاني توڙي مالي نقصان نه ٿي سگھي. وڌيڪ الله تعاليٰ پنهنجو ڪرم ڪندو. نقصان جو ازالو ته ڪونه ٿو ٿي سگھي تنهن هوندي به اها وقت جي ضرورت آهي ته، ٿيل نقصان جي في الفور سروي ڪرائي وڃي ۽ متاثرين جي مالي مدد ۽ واهر ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.

تازين برساتن به سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. چوماسي جي طوفاني برساتن جي ڪري هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي. سنڌ جا ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويا آهن. گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي. هر شيءَ تباهه ٿي وئي آهي. ڪاروبار بند ٿي ويا آهن زراعت تباهه آهي. هن وقت حالت اها آهي جو مينهن جو پاڻي ٻوڙي پيو ته ٻئي طرف واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي گھارا لڳي رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.