اڄ مان توهان سان ڪجهه شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجو مطلب آهي ته اڄ مان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. توهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به غير معمولي يا انوکي ڳالھھ نھ آھي. ٿي سگهي ٿو منھنجي ھيءَ ڳالھھ توهان اڳ ۾بھ ڪنھن کا ن ٻڌي ھجي. ان ڪري توهان ھن وقت ملڪ جي بي مثال مالي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو.ان ڪم ۾ لڳل ھجو.دل سان ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جون پنهنجيون بي لوث خدمتون جاري رکو. نيڪ نيت ماڻهن جو الله سائين حامي ۽ مددگار رھي ٿو.ستر سالن کان ملڪ جي ترقي جي ڪوششن ۾ توھان جھڙا ماڻھون مثالي ڪردار ادا ڪن ٿا. ايندڙ نسل توهان جي نيڪ ڪمن کان متاثر ٿي توهان جي نقش قدم تي هلندو آھي. اهڙا ماڻهو دبئي ۾ نه آھن،بلڪھ توھان جي دل ۾ گهر ٺاهيندا آهن. تنهن ڪري توھان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ نيڪ نيتي تي ٻڌل ڪم جاري رکو ۽ واندڪائي جي وقت ۾تگڙم ڪهاڻي پڙهجو.
مان نه ٿو چاهيان ته توهان پنهنجو قيمتي وقت ڪوڙين ڪھاڻين ۾ ضايع ڪريو.ھتي ھڪ ڪم جي ڳالھھ ٻڌائي ڇڏيان توهان کي، ڪوڙيون ڪهاڻيون صرف پڙهڻ لاءِ اسان کي نه آھن ملنديون .ڪوڙيون ڪھاڻيون اسان وڏي شوق سان ٻڌندا آهيون. تنهن ڪري، توهان لکيل ڪهاڻيون پڙهڻ کان پاسو ڪريو.توهان زباني ڪلامي ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌڻ کان پاسو ڪريو. اهڙيون بنا سر پير ڪھاڻيون توھان کي ٻڌڻ لاءِ سينھ بھ سينھ ملن ٿيون.ٻڌل ٻڌايل ڪھاڻين کان جند ڇڏائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، بلڪھ ناممڪن آهي. بدقسمتي سان،ٻڌل ٻڌايل ڪھاڻيون جيڪڏھن هڪ دفعو ڳچي ۾ پئجي وڃن تھ پوءِ اھڙيون ڪهاڻيون مرڻ گھڙيءَ تائين توھان جو پيڇو نھ ٿيون ڇڏين. توهان ۽ مان مري ويندا آهيون، اسين ختم ٿي ويندا آھيون پر ٻڌل ٻڌايل ڪهاڻيون ختم نھ ٿيون ٿين.
ڳالھھ ٻڌائڻ کان اڳ، مان توهان سان هڪ ٻي ڳالهه شيئر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. مون کي ھي ملڪ پنهنجو ملڪ لڳي ٿو.مان اھا ڳالھھ خرانٽن کي خوش ڪرڻ يا خرانٽن کان ڊڄي ناھي لکي آھي.عام طور تي سمجھيو وڃي ٿو تھ جتي ۽ جنھن ملڪ ۾اسين جنم وٺون ٿا، اھو ملڪ جنم ڀومي ھئڻ جي ناتي اسان کي پنھنجو ملڪ لڳي ٿو.پر ،مون سان ائين نھ آھي، هي ملڪ منهنجي جنم ڀومي ناهي. مان هن ملڪ ۾ پيدا نه ٿيو ھوس. جنهن جاءِ ۽ جنھن ملڪ ۾ جنم ورتو ھو، ان ملڪ جو نالو برٽش انڊيا ھو. تڏهن دنيا جي نقشي تي پاڪستان جو ڪو نالو نشان نه هو. مان جنم جي حوالي سان برٽش انڊين آهيان. ان لحاظ چوڏھن آگسٽ 1947 کان اڳ جنم وٺندڙ سڀ ماڻھون برٽش انڊين هئا.
مان توھان کي ڇرڪائڻ نھ ٿو چاھيان.پر احترام سان،عرض آھي تھ اسان جو پنهنجو باني پاڪستان، قائداعظم محمد علي جناح، برٽش انڊين ھو. لياقت علي خان ۽ خواجه ناظم الدين به پيدائشي طور برٽش انڊين هئا. مهاتما گانڌيءَ، موتي لال نهرو، جواهر لعل نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد ڄائي ڄم کان نرٽش انڊين هئا.ا ها ڪا شرمندي ٿيڻ واري ڳالھھ نھ آھي. توهان ڪنھن ملڪ جي ٺھڻ ۽ وجود ۾ اچڻ کان اڳ ان ملڪ ۾ جنم وٺي نٿا سگھو، اها امڪان جي حدن کان گھڻو پري جي ڳالھھ آهي. مون جڏهن جنم ورتو ھو.تڏھن هندستان تي انگريزن جو راڄ ھو. پاڪستان جو نالو ۽ نشان نه هو. ان ڪري منهنجو پاڪستان ۾ جنم وٺڻ ممڪن نھ ھو.جيڪو ملڪ ٺھيو ئي نھ ھو، ان ملڪ ۾ توهان جنم نٿا وٺي سگهو.
هاڻي ڪريون ٿا اڄ جي ڳالھھ. اصل ڳالھھ ڪرڻ کان اڳ مان پنھنجي وجود کي بي چين ڪندڙ ھلچل ۽ خدشن کان توھان کي آگاھ ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو. اصل ڳالهه جيڪا ھر لحاظ سان تاريخي حقيقت آھي.بيان ڪندي گھٻرائي رھيو آھيان.هڪ ڊڄ، خوف مون کي اندر ۾ کائي رهيو آهي. اهو چئي ڇڏڻ ته اڄ کان سٺ ستر اڳ ملڪ ۾ اظهار راءِ جي مڪمل آزادي هئي، قطعي غلط ڳالھ آهي.ڪندڙن جڏھن باني پاڪستان قائداعظم جي پهرين تقرير ايڊٽ ڪري ڇڏي ھئي، تڏھن واضح تي ويو ھو تھ اسان وٽ اظهار جي آزادي ناهي.ڪجھھ ڳالھائڻ. ڪجهه لکڻ جي ڏوھھ ۾ توھان پڪڙجي وڃو ٿا، توهان اوچتو غائب ٿي وڃو ٿا. عدالتون بيوس لڳن ٿيون، جج صاحب رٽائر ٿي وڃن ٿا، يا وري ٽرانسفر ٿي وڃن ٿا، پر قانون به توهان کي ڳولي نه ٿو سگهي. توھان کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهي. ڏسندڙ ستر پنجھتر سالن کان قانون جي بيوسيءَ ڏسي رهيا آهن پر ڪجهه ڪري نٿا سگهن. ڪدو پيدا جندڙ ملڪ ۾ جڏهن ڪدو ڇھھ سئو رپيا في ڪلو وڪامندا ھجن، ان ملڪ ۾ قانون ڪنهن جو ڪجھھ نٿو بگاڙي سگھي . ڪو پتو نھ پوندو آھي تھ توهان ڇا لکڻ يا ڇا نه لکڻ کان پاسو ڪندي چين جي بانسري وڄائي زندگي گذاري سگهو ٿا. توهان وقت جي حڪومت جي واکاڻ ۾ تعريفن جا اڻ ٽٽندڙ ُپل ٻڌي ٿا ڇڏيو.اوچتو وقت جي رخصت ٿيڻ جي فورن بعد توھان کي ملڪ مان غداري جي الزام ۾ پڪڙيو وڃي ٿو.پڪڙي غائب ڪيو وڃي ٿو. توھان کي اھڙي طرح گم ڪيو وڃي ٿو جو جيڪڏهن موت جو فرشتو توھان جي ڳولا ۾ تشريف کڻي اچي ته ان کي به ناڪام دنيا مان موٽي وڃڻو پوي ٿو.توھان ان کي نٿا ملو.
ڳالهه ڪجھه ھيئن آهي ته آگسٽ 1947ع کان اڳ دنيا جي نقشي تي ڪٿي به پاڪستان جو نالو يا نشان ڪونه هو. پاڪستان ڪنهن ظالم ملڪ جي قبضي ھيٺ بھ نه هو. پاڪستان ڪنهن ملڪ جي ڪالوني نه هو.ڪنھن طاقتور ملڪ جو غلام نه هو. آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ڪنهن طاقتور ملڪ کان آزادي نه ورتي ھئي. 14 آگسٽ 1947ع جي ڏينھن پاڪستان دنيا جي نقشي تي جنم ورتو ھو.آگسٽ 14 پاڪستان جو جنم ڏينهن آهي. نه ڪھ ان ڏينهن ڪنھن ملڪ جي غلاميءَ مان پاڪستان آزاد ٿيو هو. اسان جنم ڏينھن جي سالگرهه بدران آزادي جو ڏهاڙو ڇو ملهايون ٿا ؟ ڪنهن جي قيد ۾ هئاسين اسين؟ (روزاني جنگ جي ٿورن سان)