اڄ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ آهي ان موقعي تي هڪ عورت جي حيثيت ۾ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪيم يا ايئن چئجي ته منهنجي ضمير مجبور ڪيو ته پنهنجي ان عظيم محسن جا ٿورا ادا ڪجن ڇاڪاڻ ته ڀٽائي صاحب جا اسان عورتن تي وڏا احسان آهن.
هونئن ته ڀٽائي صاحب اسان جي سڄي سنڌ جو محسن آهي. ڀٽائي صاحب سنڌي ٻولي ۾ شاعري نه ڪري ها ته شايد اڄ سنڌي ٻولي هجي ئي نه ها. ڀٽائي صاحب جي دور ۾ فارسي سرڪاري زبان هئي ۽ هر ڪو فارسي ۾لک پڙهه ڪندو هو ، شاعري به گهڻي ڀاڱي فارسي ۾ ٿيندي هئي پر ڀٽائي صاحب ان دور ۾ سرڪاري ٻوليءَ کي ٿُڏي نه رڳو سنڌي ٻولي ۾ عظيم شاعري ڪندي ان کي هميشه هميشه لاءِ زندهه ڪري ويو پر اهو پيغام به ڏئي ويو ته ” جي تون فارسي سکئين، گولو توءِ غلام“ يعني ڌارين حڪمرانن جي ٻولي سکڻ کي به هن غلامي تصور پئي ڪيو ته پاڻ پوءِ فارسي ۾ ڪيئن شاعري ڪري هان. هن ان دور ۾ مغلن جي حڪومت ۾فارسي کي ڇڏي سنڌي ۾شاعري ڪري سنڌي ٻولي کي بچائي سنڌ ۽ سنڌين تي عظيم احسان ڪيو آهي. سندس احسان رڳو اهو هڪ ناهي، اڻ ڳڻيا ڪروڙين احسان آهن ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان“
پر منهنجو موضوع اسان عورتن تي ڪيل سندس احسان آهن. مونکي ته ايئن لڳي ٿو ته جيڪڏهن ڀٽائي صاحب پنهنجي دور ۾ ٽي سئو سال اڳ عورت کي اهميت نه ڏئي ها ته شايد سنڌي ٻولي وانگر سنڌي سماج ۾ عورت جي عزت ۽ اهميت جو به تصور نه هجي ها- ڀٽائي صاحب جي عورت ڏانهن اها سوچ ۽ اختيار ڪيل موقف به عظيم آهي. سندس ٽي سئو ورهيه اڳ ۾عورت ڏانهن اختيار ڪيل روشن خيالي واري سوچ تي خوشگوار حيرت ٿي رهي آهي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڀٽائي صاحب ايڏو فيمينسٽ ۽ روشن خيال ڪيئن هو وڏي ڳالهه ته هو عورتن سان مخاطب ٿي شاعري ڪري ٿو،” اديون عبدالطيف چئي“ نه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري ٿو .
ٻيو ته هن پنهنجي شاعري ۾عورتن کي اوچو مقام ڏنو آهي، انهن کي ئي سورميون بڻايو آهي ۽ عورتن جي حقن جو علمبرار بڻيو آهي. اهو ڀٽائي صاحب ئي آهي جنهن سر سهڻي لکي عورت کي عشق ڪرڻ جو حق ڏنو جڏهن ته اڄ جي جديد دور ۾ عشق ڪرڻ تي عورت کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو ايئن سسئي کي هر قسم جي جدوجهد جي علامت بڻايو، محب وطني جي ڳالهه هجي ته هن مارئي کي مثال بڻائي ڏيکاريو آهي.
عورت کي ايڏي مڃتا ڏيڻ تي ۽ ان جو قدر ڪرڻ تي اسين سڀ عورتون ڀٽائي صاحب جون ٿورائتيون آهيون ۽ کيس پنهنجو عظيم محسن سمجهئون ٿيون.
اهو ڀٽائي صاحب ئي آهي جنهن سر سهڻي لکي عورت کي عشق ڪرڻ جو حق ڏنو جڏهن ته اڄ جي جديد دور ۾ عشق ڪرڻ تي عورت کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو ايئن سسئي کي هر قسم جي جدوجهد جي علامت بڻايو، محب وطني جي ڳالهه هجي ته هن مارئي کي مثال بڻائي ڏيکاريو آهي.عورت کي ايڏي مڃتا ڏيڻ تي ۽ ان جو قدر ڪرڻ تي اسين سڀ عورتون ڀٽائي صاحب جون ٿورائتيون آهيون ۽ کيس پنهنجو عظيم محسن سمجهئون ٿيون.