ھندستان ۾ ڊاڪٽرز تحريڪ جو نعرو“نو جسٽس نو ڊيوٽي“  

ھندستان ۾ ڊاڪٽرن جي تحريڪ  هلندڙ آھي، جيڪا ھڪ ليڊي ڊاڪٽر سان ٿيل زيادتيءَ ۽ ان بعد قتل بعد سڄي ملڪ ۾ ھلي رھي آھي،جنھن ۾ سول سوسائٽي ۽ ڊڪٽرز شامل ٿي ويا آھن. ھن واقعي ھندوستان کي عالمي سطح تي ڪافي وائکو ڪري ڇڏيو آھي.ھندوستان آبادي جي لحاظ سان وڏو ملڪ آھي پر عالمي ميڊيا ۾ دھلي ۾ ريپ ڪيسن جي ڪري بھ ھندوستان عورتن جي لاءِ غيرمحفوظ ملڪ تصور ڪيو وڃي ٿو.

ان هلندڙ تحريڪ جو ھڪ نعرو مشھور ٿي ويو آھي تھ ”نو جسٽس نو ڊيوٽي“ .”منهنجي هڪ ڌيءُ هلي وئي آهي، پر هاڻي منھنجون ڪورڙين ڌيئر ۽ پٽ  آهن. اهي ڪروڙين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منهنجي ڌيءَ لاءِ وڙهي  رهيا آهن، جيڪا هاڻي ناهي رھي. اھي سڀ ھن جي لاءِ  انصاف  گھري رھيا آھن“

اهي لفظ ان نوجوان ڊاڪٽر جي پيءُ جا  آھن.جيڪا هندستان جي اولهه بنگال جي شهر ڪولڪتا ۾  درندگيءَ جو شڪار ٿيڻ بعد زندگيءَ جي جنگ ھارائي وئي.جنھن کي  آر جي ڪار ميڊيڪل ڪاليج ۾ ريپ ۽ قتل ڪيو ويو. اٽڪل اڄ کان 11 ڏينهن اڳ ڪولڪتا جي هڪ اسپتال ۾ نوجوان عورت ڊاڪٽر کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ اولهه بنگال سميت سڄي ھندوستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ سول سوسائٽي پاران شديد احتجاج جاري آھي. راڄڌاني دهلي، ممبئي، ڪولڪتا ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو ريپ ۽ قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪم تي واپس نه ويندا. سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي لهر نظر اچي رهي آهي جنهن ۾ واقعي جي تفصيلي ۽ اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. گڏوگڏ صحت جي ڪارڪنن، خاص طور تي عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ  قانون جوڙڻ  جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

بي بي سي جي صحافين هندستان جي ۾رات جي شفٽ دوران عورتن نرسن ۽ ڊاڪٽرن جي سيڪيورٽي صورتحال ڄاڻڻ جي مقصد سان ڪجهھ اسپتالن جا دورا ڪيا. دهلي جي ٽن وڏين سرڪاري اسپتالن. لوڪ نائڪ اسپتال، جي بي پنت اسپتال ۽ ليڊي هارڊنگ ڪاليج اسپتال جو جائزو ورتو. جنھن ۾ چوڻ بي بي سي جو چوڻ ھو  ته لوڪ نائيڪ اسپتال جي دروازي تي ميٽل ڊيٽيڪٽر لڳل آهن پر اهي ڪم نه پيا ڪن.رات جي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر شڪايت ڪئي ته ”هتي ڪو به ماڻهو آزاديءَ سان داخل ٿي سگهي ٿو“.لوڪ نائڪ اسپتال جي هڪ سينيئر ڊاڪٽر موجب ”هنن جي ڪيمرائن کي ڪير به مانيٽر نٿو ڪري“. اسان کي اڪثر رات جي وقت شرابين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ هڪ شاگرد جو چوڻ هو ته اسپتال جي ڪجهه حصن ۾ روشني ناهي. مريضن سان گڏ اسپتال جي احاطي ۾ فرش تي سمهڻو پئي ٿو  "اسان کي بهتر سيڪيورٽي ۽ باؤنسر جي ضرورت آهي.”.

بي بي سي جي هندي نمائندي امنگ پودار جو چوڻ آهي. گائناڪالوجي ايمرجنسي وارڊ ۾ موجود ٻن عورت گارڊن اتي اچڻ جو مقصد پڇيو پر ٻيو ڪو به سوال نه ڪيو.جي بي پنت اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نرس جو چوڻ آهي ته ”اسان کي مريضن سان گڏ ايندڙ ماڻهن کي منھن ڏيڻ لاءِ بهتر سيڪيورٽي سان گڏ باؤنسر جي ضرورت آهي.“

ٻن ليڊي ڊاڪٽرن  موجب لوڪ نائڪ اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ ڪينٽين جي سهولت آهي پر اتي وڃڻ غير محفوظ آھي. ان ڪري اڪثر آن لائن کاڌو آرڊرڪبو آهي.ليڊي هارڊنگ ڪاليج جي هڪ سينئر عورت ڊاڪٽر ٻڌايو ته رات جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ جو مطلب ڪيمپس ۾ پري واقع ليبارٽرين ۾ وڃڻ ھوندو آھي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته گرلز هاسٽل جي سامهون ٽراما سينٽر ٻاهران عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن. ڊاڪٽر اڪانشا مطالبو ڪيو ته ڪيمپس ۾ وڌيڪ گارڊ، وڌيڪ لائٽنگ ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وڃن.

ڪنگ جارج ميڊيڪل يونيورسٽي جي ترجمان ڊاڪٽر سدير سنگهه ڪي موجب  اسان ڪيمپس، هاسٽلن ۽ وارڊن ۾ سڪيورٽي جو نظام جوڙيو آهي، اهم هنڌن تي سي سي ٽي وي نصب ڪيا ويا آهن ۽ باقاعدي نگراني ڪئي پئي وڃي.

رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ انٽرن ابرنا جو چوڻ هو ته ڪولڪتا ريپ واقعي کانپوءِ عورت عملي جي ميمبرن ۾ خوف پکڙجي ويو هو. انتظاميھ سيڪيورٽي لاءِ متحرڪ ٿي آھي.ابرنا موجب ملاقات کانپوءِ انٽرن کي اسٽاف روم استعمال ڪرڻ ۽ ڪمري کي لاڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته سمورن عورت اسٽاف کي هدايت ڪئي وئي ته هو ايمرجنسي الارم موڪلڻ لاءِ سٽي پوليس جي سيڪيورٽي ايپ استعمال ڪن ڇو ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.