تعليمي بھتري لاءِ ڪجهه تجويزون

تحرير: رِيحانه فتح خان کوسو

جتي سنڌ جي تعليم کي ھن وقت اھم مسئلا درپيش آھن، اتي اسان کي تعليم کي بھتر بنائڻ جون ڪوششون تيز ڪڻ گھرجن.جتي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ھجي اتي استادن جو پاڻ ۾ اتحاد ئي تعليم کي ھٿي وٺرائي ڏيئي سگهي ٿو،جيڪڏهن اسڪول جو ھيڊ ماستر يا انچارج يا سنڀاليندڙ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ته استادن جا اھڙي قسم جا مسئلا ڪافي حد تائين گھٽجي سگھجن ٿا،ان لاءِ اسڪول ھيڊ جو متحرڪ رھڻ ضروري آھي،استاد تنظيمون پڻ استادن جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏين، بشرطيڪ اھي خودمختيار ھجن.سڀ کان اھم ڳالهه اھا ته تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت روڪي وڃي.

اسان وٽ استادن جي سروس اسٽرڪچر ،پوسٽنگ، ٽرانسفر کان وٺي پروموشن تائين،ڪتابن جي ڇپائي کان وٺي انھن جي رسائي تائين،اسڪولن پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کان وٺي اڻڳڻپ بنيادي سهولتن جي اڻلڀ تائين ڪيترائي اھم.مسئلا آھن جيڪي ڌيان طلب آھن، تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اسان سڀني کي يڪسان محنت ڪرڻي پوندي ،استادن جي مھارتي تربيت (پروفيشنل ٽريننگ) ورڪشاپ ڪرايا وڃن ته جيئن بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن, استادن کي گھرجي ته اسڪولن جو انفراسٽرڪچر بھتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان رھن،شاگردن جو ڊراپ آئوٽ ريشو گھٽائڻ لاءِ ٻارن جي والدين سان پيرنٽ ٽيچر ميٽنگ جو بندوبست ڪن ۽ شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ، پنھنجي آس پاس جي علائقن جون بند پيل اسڪولن جي مالڪي ڪري اسڪول کولرائڻ ۾ مدد ڪن،ٻارن ۾ پڙھڻ جي رجحان کي ھٿي ڏيندي اسڪول لائبريري جو قيام يقيني بڻائڻ،ان سان ٻارن ۾ تخليقي صلاحيتون خاص طور تي لکڻ پڙهڻ ۾ اضافو ٿيندو،ٻارن کي تعليم سان گڏ شعوري تربيت پڻ ھڪ استاد جي فرض ۾ شامل آھي ،ٻارن کي نشي يا منشيات  واپرائڻ جھڙي عادت کان پري رھڻ جي تاڪيد پڻ ڪن،۽ سندن گھر وڃي انھن جي والدين کي پڻ آگاھي ڏين.

اسڪول ھيڊ يا انچارج جون ذميواريون:

اسڪول ھيڊ يا انچارج جي ذميواري آھي ته ھو مڪمل تدريسي عمل بحال رکڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪن،جنھن ۾ ايڊمنسٽريشن ذميوارين کان وٺي ،ترقياتي و تعميراتي منصوبن جو جائزو ،سموري ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف کي ان جون ذميواريون ڏيئي ڪوشش ڪري ته تدريسي عمل ڪنھن به سبب جي ڪري معطل نه ٿئي.ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ڇاڪاڻ جو ھڪ اسڪول ھيڊ يا انچارج جي باوقار شخصيت اسڪول جي ماحول تي بيحد اثرانداز ٿئي ٿي جنهن لاءِ ضروري آھي ته ھو پنھنجا معاملات خوش اصلوبي سان نڀائن ۽ پنھنجي اسٽاف کي متفقه ڪري اسڪول ھلائڻ جي ڪوشش ڪن.ڪجھ تجويزون پيش خدمت آھن.

* ڪانٽيجينسي بجيٽ/ ايس ايم سي فنڊ جو جائز استعمال

اھا رقم جيڪا اسڪول جي ترقياتي يا تعميراتي منصوبن لاءِ مختص ڪئي ويئي آھي سا بروقت ۽ باضابطا ڪتب آندي وڃي (ڪافي اسڪولن جو بجيٽ بئنڪ اڪائونٽس ۾ ئي پيل ھوندو آھي) ته جيئن اسڪول عمارتون زبون حال ٿيڻ کان بچي پون ۽ بنيادي سهولتن يعني پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واش روم وغيره جو جوڳو بندوبست ٿي سگھي.

* اسڪول ۾ ليبارٽري جو قيام يقيني بڻائڻ ته جئين جديد ٽيڪنالاجي مطابق ٻارن کي تعليم ڏيئي سگھجي.

* اسڪول لائبريري جو قيام به ضروري آھي ان سان ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ٿيندو ،اھو شوق کين ڪاميابي جو رستو ڏيکاريندو، لائبريري ۾ تصويري، عملي، ديني، معلوماتي ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب رکي سگھجن ٿا.

* استادن جي تربيتي ۽ مھارتي ٽريننگ ورڪشاپ ڪرايا وڃن ته جيئن سندن تعليمي قابليت ۾ اڃا به اضافو ٿي سگھي.

* شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ پيرنٽ ٽيچر ميٽنگ جو انعقاد ڪري ڊراپ آئوٽ ريشو گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن.

* اسڪول ھيڊ يا انچارج ھفتيوار ٻه پيريڊ وٺي.

* شاگردن جيان ايماندار محنتي ۽ وقت جي پابندي ڪندڙ استادن جي به حوصلا افزائي ڪيو ،انھن کي به اسڪول انتظاميا پاران ايوارڊ ۽ انعام سان نوازيو.(ائيپريسئيشن جي بنياد ذاتي يا سياسي تعلقات کان پاڪ ھئڻ ضروري آھي)

* ڪتابن جي وقتائتي فراھمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ته جئين نئين سيشن جي شروعات بروقت ٿي وڃي.

* ڪتابن جي کوٽ کي منھن ڏيڻ لاءِ بڪ بئنڪ جو قيام يقيني بڻائڻ.

* ٽائيم ٽيبل مطابق اسڪول جو تدريسي عمل بحال رکڻ (استادن کي وقت جو پابند ڪرڻ)

* نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ،ان سان ٻارن ۾ اسڪول اچڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو(اڪثر اسڪولن ۾ مذھبي ڏڻ ملھائڻ جي اجازت ناھي ھوندي) بجيٽ جي کوٽ کي منھن ڏيڻ لاءِ مختلف اين جي اوز جي اسپانسرشپ پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

* جيڪو سبجيڪٽ جنھن استاد کي سٺو پڙھائڻ اچي اھو ان ئي استاد کي ڏيڻ.

* وڻڪاري مهم کي هٿي ڏيڻ ،ٻارن جي ھٿان پوکيل وڻن جي سارسنڀال لھڻ لاءِ کين پابند ڪرڻ.

* موسمي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي وقت سر آگاھي ڏيڻ ۽ احتياطي تدبيرون ڏيڻ.

* اسڪول ۾ ملندڙ مصنوعي طريقن سان تيار ٿيل شيون يعني چپس،پاپڙ،چيونگم،ٽافي ۽ سوپاريون وغيره جو استعمال روڪيو وڃي.

* اسڪول مان پڙهي پاس ٿيل شاگردن ذريعي ٻارن لاءِ موٽيويشنل سيشن منعقد ڪرايا وڃن ته جيئن انھن کي پڙھڻ لاءِ اتساھيو وڃي.

* غريب شاگردن جي نشاندهي ڪري وس آهر مدد ڪري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ.

سينيئر يا جونيئر استاد جون ذميواريون :

ڪنھن به اداري جي ڪاميابيءَ لاءِ  ھونھار ،محنتي ۽ قابل ٽيم گھربل ھوندي آھي ان لاءِ ھر اسڪول کي به اھڙن استادن جي ضرورت آھي جيڪي محنت کان انڪار نه ڪن،سينيئر ھجن يا جونيئر متفقه ڪوشش ڪن ۽ اسڪول کي پنھنجو ادارو سمجھي مالڪي ڪن ،ان لاءِ ڪجهھ تجويزون پيش خدمت آھن،

* سڀ کان پهرين ۽ ضروري ڳالهھ ته پنھنجي اسڪول جي ھيڊ يا انچارج پاران مليل ھدايتن تي عمل ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ اوھان جي جاب ڊسڪرپشن ۾ واضح درج ٿيل ھوندو آھي،۽ ٻيو ته اسڪول ھيڊ يا انچارج اوھان کي ذاتي نه پر فقط اسڪول متعلق ئي ذميواري ڏيندو آھي انڪري ان کي تنقيدي نه پر اصلاحي پهلو سان ڏسڻ جي ضرورت آھي.

* استادن تي فرض آھي ته ٻارن جي بھترين تعليم سان گڏوگڏ کين بھترين تربيت پڻ ڏين.

* ٻارن کي صحتمند زندگي جا اصول سيکاريو،انھن کي صفائي ھٿ ڌوئڻ ۽ صحتمند عادتن جي اھميت سمجھايو.

* پنھنجي ڪلاس جي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکن،اسڪول ٽائيم ختم ٿيڻ تي ڪلاس جا پکا ۽ لائيٽ ٻارن کان بند ڪرايو ته جيئن انھن ۾ به ذميواري جو احساس پيدا ٿئي.

* رسيس دوران ٻارن کي ھدايت ڪن ته صفائي جو خاص خيال رکن ۽ گندگي کي ڪچري جي دٻي ۾ وجھڻ جي عادت وجھن.

* ٻارن کي آگاھي ڏين ته اھي مفت فراھم ٿيل ڪتابن جو خيال رکن،ڪور لڳائي يا بائينڊنگ ڪرائي ڇڏين ته جئين اڳئين سال اھي ڪتاب ٻين ٻارن کي به ڪم اچي سگھن.

* پنھنجي ڪلاس جو جائزو وٺو مسلسل غيرحاضر رھندڙ شاگردن جي نشاندهي ڪيو ۽ اسڪول ھيڊ کي بروقت اطلاع ڪيو ته جئين ڊراپ آئوٽ ريشو تي ضابطو آڻي سگھجي.

* ٻارن ۾ نشي کان بچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو،ضرورت پوي ته سندن والدين سان به ملو ۽ کين آگاھي ڏيو.

* غريب ٻارن جي وس آهر مالي مدد ڪيو.

* ٻارن سان گڏجي وڻڪاري مهم کي فروغ ڏيو، سندن ھٿان پوکيل وڻن جي سارسنڀال لهڻ لاءِ کين پابند ڪيو.

* ليسن پلان تحت ڪورس وقت تي مڪمل ڪرايو.

* ٽرمينل امتحان جو رجحان وڌايو،جيڪي رزلٽ اچن انھي جي بنياد تي ٻارن ۾ انعام تقسيم ڪيو خواھ اھا ھڪ ٽافي جي صورت ۾ ئي ڇو نه ھجي.

* ايمانداري سان پنھنجو فرض نڀايو جو سال جي آخر ۾ ٻار پنھنجي محنت تي پاس ٿئي ڪاپي ڪرڻ جي نوبت ئي نه اچي.

* جيڪي ٻار پڙھڻ ۾ ڪمزور آھن انھن جون ايڪسٽرا ڪلاسز هلايو.جتي کين مسئلا درپيش آھن آھي وس آهر حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو.

* ٻارن کي گروپن جي شڪل ۾ ويھاري خيالن جي ڏي وٺ  ڪيو عمر ۽ قابليت جي حساب سان موضوع جو انتخاب ڪيو ،موضوع سان لاڳاپيل دلچسپ واقعو ونڊيو، ان مان سوال ڪيو،ان تي ٻارن جي راءِ وٺو، ٻارن سان نظرون ملائي گفتگو ڪيو،آخر ۾ موضوع جي مناسبت مطابق مطلوبه نتيجن تي پھچڻ ۾ ٻارن جي مدد ڪيو،ان سان ٻارن ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ۽ سوال ڪرڻ به سکي ٿو.

* ٻارن ۾ سمجھداري، خود اعتمادي ، قوت ارادي ۽ تعليمي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ خطاطي مشق  بار بار ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.