ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ صدر سالياني چوماسي جي وڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳايو ۽ عوام کي مهم ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻوٽا لڳايو. بهتر ماحول لاءِ پنهنجي علائقن ۽ ڀرپاسي ۾ وڻ لڳايو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تمر جي ٻيلن جي بحالي جو ڪامياب قدم کنيو، سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي تمر جا ٻيلا پوکيا ويا.