پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ چوماسي برساتن سبب ٿيل تازي نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پهرين جولاءِ کان هن وقت تائين برساتن، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وهڪرن جي ڪري 65 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. رپورٽ موجب برساتن سبب مختلف حادثن ۾ فوت ٿيلن ۾ 30 ٻار، 12 عورتون ۽ 23 مرد شامل آهن. مختلف حادثن ۾ 113 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 784 گهر متاثر ۽ 217 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا. ان کان سواءِ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 139 ڍور پڻ مري ويا.