سعودي ۽ پاڪستان سان گڏيل فوجي ۽ سياسي نظام ٺاهينداسين: ترڪي

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي چيو آهي ته گذريل هفتي سعودي عرب ۽ پاڪستان سان گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کانپوءِ ٽنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي لاءِ گڏيل عسڪري ۽ سياسي نظام قائم ڪيو ويندو.
ترڪي جي بچاءَ واري کاتي موجب، ان نظام ۾ ٽنهي ملڪن جا بچاءَ وارا وزير، پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ فوجي ڪمانڊر شامل هوندا.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل فوجي مشقن جي به منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سهڪار ۾ دفاعي صنعتن جي گڏيل پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي پڻ شامل ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان گذريل هفتي ”مڪي معاهدي“ تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تحت ڪنهن هڪ ميمبر ملڪ تي هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.

You might also like