جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي نياڻي پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه جي رٽائرمينٽ بابت ٻه الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب هوءَ رٽائرمينٽ کانپوءِ بنا ڪنهن وقفي جي وڌيڪ 3 سالن لاءِ پروفيسر آف گائنيڪالاجي طور خدمتون جاري رکندي. يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊاڪٽر نگهت شاهه 12 آگسٽ 2026ع جي منجهند کان سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿي وئي، جڏهن ته ٻئي نوٽيفڪيشن تحت 13 آگسٽ 2026ع کان ٽن سالن لاءِ ڪانٽريڪٽ تي پروفيسر آف گائنيڪالاجي (21 گريڊ) طور خدمتون جاري رکندي. واضح رهي ته ڊاڪٽر نگهت شاهه کي آڪٽوبر 2025ع ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پرو وائس چانسلر طور پڻ مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جو مدو سندس رٽائرمينٽ جي تاريخ تائين مقرر ڪيو ويو هو. جي ايس ايم يو جي رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان طرفان جاري ڪيل رٽائرمينٽ نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروفيسر آف گائنيڪالاجي اينڊ آبسٽريٽڪس (21 گريڊ) ۽ پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر نگهت شاهه 12 آگسٽ 2026ع جي منجهند کان رٽائر ٿي وئي آهي. يونيورسٽي جي ڪانٽريڪٽ واري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي فيصلي ۽ لاڳاپيل اختيارين يعني سنڊيڪيٽ جي منظوري کانپوءِ ڊاڪٽر نگهت شاهه کي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر آف گائنيڪالاجي طور ٽن سالن لاءِ ڪانٽريڪٽ تي خدمتون جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، سندس نئون ڪانٽريڪٽ 13 آگسٽ 2026ع کان لاڳو هوندو، يعني سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ جي ٻئي ئي ڏينهن کان هوءَ ساڳئي يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور خدمتون انجام ڏيندي. اهڙيءَ ريت يونيورسٽي جي پنهنجي ٻنهي نوٽيفڪيشنن موجب، ڊاڪٽر نگهت شاهه 12 آگسٽ تي سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿي ۽ 13 آگسٽ کان بنا ڪنهن وقفي جي ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي ساڳئي عهدي تي خدمتون جاري رکندي.