برسات سبب تباهي ٿي آهي، سنڌ حڪومت متاثرن جي واهر ڪري: محنتي

ڪراچي ( رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾ تيز ۽ طوفاني برساتن سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ  قيمتي انساني حياتين توڙي ملڪيتن جي نقصان تي دلي ڏک جو اظھار ڪندي گهر ڪئي آھي ته  سنڌ حڪومت برساتن جي تباھي جي نقصان جي ازالي توڙي ماروئڙن جي مشڪلات کي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي . ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو ته برسات الله  جي رحمت ھوندي آھي پر حڪومتي توڙي انتظامي غفلت ۽ نا اھلي ڪري اھا عوام لاءِ زحمت بڻجي ويندي آھي . ھاڻوڪي برسات سبب گهرن ، فصلن جو وڏي پيماني تي نقصان جو انديشو آھي جڏھن ته ڊرينيج سسٽم ناڪارا ھجڻ ڪري گندو پاڻي گهرن توڙي گهٽين ۾ تلاءَ جي شڪل ۾ بيٺو آھي،  جنھن پ پ جي 15 سالن جي ڪارڪردگي  کي وائکو ڪر ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.