ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ ٿاڻي جي اي ايس آءِ طرفان غير ذميواراڻي رويي تي کيس معطل ڪيو ويو. ڪجهه عورتون مسئلي جي حل لاءِ ٿاڻي پهتيون ته اي ايس آءِ پنهنجي آفيس ۾ شرٽ لاهي ويٺو هو، عورتن کي ڏسي هن شرٽ پهري جنهن سبب عورتن کي پريشان ٿي. واقعي جي ڄاڻ تي ڊي آءِ جي اوڀر نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ کي معطل ڪري کاتيوار ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.