ثاقب نثار به فيض حميد سان رابطي ۾ هو پر مڃي نٿو: طلال چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار به ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سان  رابطي ۾ رهيو پر هاڻي مڃي نٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خود احتسابي جو عمل هر اداري کي ڪرڻ گهرجي، احتساب هاڻي هر صورت ٿيندو، سڀني ادارن، سياسي پارٽين کي ان جو حصو بڻجڻو پوندو. پاڪستان جي سلامتي تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي. هن اپوزيشن پارٽي جو حوالو ڏيندي چيو ته رئوف حسن اڪيلو نه هو اهو سڄو پلان هو، ثاقب نثار به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان کي به پنهنجي اداري ۾ احتساب ڪرڻو پوندو. ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.