لڪي مروت ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مان پنهنجي اسٽيبلشمينٽ کي سنجيدگيءَ سان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هاڻي دهشتگرديءَ خلاف جنگ بند ڪريو، اوهان آمريڪا جي پيروي ۾ پاڪستان ۽ قبائل جي وچ ۾ جنگ جي ڪيفيت ان لاءِ پيدا ڪري رهيا آيو ته جيئن اسان جي معدني وسيلن تي قبضو ڪري سگهون. اسين ڪنهن کي به پنهنجي ٻارن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته ڪنهن کي به منهنجي حقن تي قبضو ڪرڻ جي اجازت ناهي، اڄ عالمي قوتون منهنجي ملڪ جي مذهبي تشخص کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون.مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ چين ۽ سعودي عرب جهڙا دوست اسان تي اعتماد نه پيا ڪن، هي بي اعتمادي آخر ڇو پيدا ٿي آهي ، ڀارت جا قومي ذخيرا اڄ 500 ارب ڊالر آهن ۽ اسان وٽ 10 ارب به ناهن. هن چيو ته اڄ ڀارت ترقي ڇو ڪري رهيو آهي، ڪنهن سوچيو آهي ته افغانستان جي ڪرنسي اسان کان بهتر ڇو آهي، اڄ اسان پنهنجو ملڪ بچائي رهيا آهيون، افغانستان اڄ ويران آهي پر اڃا به اسان کان اڳتي آهي.هن چيو ته اڄ ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، منهنجي معيشت به تباهه ٿي وئي آهي ۽ ملڪ به تباهه ٿي ويو آهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته مدرسن تي حملا ڇو ڪيا وڃن ٿا، مدرسن جي رجسٽريشن ختم ڪئي وئي آهي ۽ چون ٿا ته اتان دهشتگردي ٿي رهي آهي، اوهان اسان کان شرافت جو ڪپڙو کسي رهيا آهيو.هن چيو ته پاڪستان ۾ سموريون اقليتون محفوظ آهن، جمعيت علماءِ اسلام سندن محافظ آهي.حڪومتي عملن تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اسان اسڪولن ۽ ڪاليجن کي تحفظ ڏنو هو، هي ماڻهو مدرسن جي حفاظت ڇو نٿا ڪري سگهن، اسان انهن مدرسن جي حفاظت ڪنداسين، توهان مري وڃو پر اهي ديني مدرسا تباهه نه ٿيندا، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ملڪ ۾ تحريڪون هلائي، آئين ۾ ترميمون ڪيون، اسان بلوچن جي وسيلن سان گڏ بيٺا آهيون ۽ پختونن جي وسيلن سان گڏ بيٺا آهيون. هن چيو ته مان قرارداد پيش ڪريان ٿو، اسان امن چاهيون ٿا ۽ طاقت چاهيون ٿا، اسان پنهنجي ڌرتي جي وسيلن تي حق چاهيون ٿا، وسيلن تي عوام جو حق ملڻ گهرجي.