ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي آهي، صوبي جو ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. چمن ۽ قلعه عبدالله سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. زمان آباد ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، سولر پينل به اڏامي ويا. جعفر آباد ۾ بجلي جا پول ڪري پيا. ڪوئيٽا، چمن ريلوي لائين ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي جنهن سبب ٽرين سروس معطل ٿي وئي. مستونگ ۾ به ٻوڏ واري صورتحال آهي. مختلف حادثن ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي علائقن ۾ گهرن کي نقصان پهتو. مستونگ ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ عورت لڙهي ٻڏي فوت ٿي وئي جنهن جو لاش ڪڍيو ويو. مڇ ۾ برسات سبب بولان قومي شاهراهه پاڻي هيٺ اچڻ سبب ٽريفڪ جام. هرڪ ڪازوي تي ٻوڏ وهڪرن سبب گاڏيون ڦاسي ويون. اين ايڇ اي موجب بلوچستان جو ملڪ جي ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو، بولان روڊ تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪريو. ٻوڏ سبب ڪوئيٽا، تفتان سبي روڊ بند آهن.