ميرپورخاص (بيورو رپورٽ )سنڌ حڪومت پاران عوام کي بنيادي سھولتن جي فراھمي لاءِ ميرپورخاص جي عوام کي نيڪاسي جو بھتر نظام فراھم ڪرڻ لاءِ سيوريج ۽ ڊرين جي ڏنل ميگا پروجيڪٽ ۾ ڪامورن جي ڪرپشن; ناقص مٽيريل ۽ 2016 ۾ شروع ٿيندڙ پراجيڪٽ 2023 ۾ مڪمل ڪرڻ جي ھدايتن جي باوجود مڪمل نه ٿيڻ خلاف ميرپورخاص جي وڪيل غلام نبي ميئو پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ تي عدالت سڳوري پاران ميگا پروجيڪٽ جي جاچ نيب جي حوالي ڪري مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ وارين سخت ھدايتن بعد نيب جي ٽيم ميگا پروجيڪٽ تي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، جاچ جي حوالي سان نيب جي ٽيم ڪجھه ڏينهن ۾ ميرپورخاص پھچندي جنھن حوالي سان نيب اختيارين ڪيس جي پٽيشنر وڪيل غلام نبي ميئو کي نيب ليٽر جاري ڪندي پاڻ يا پنھنجي ڪنھن نمائندي ذريعي لڳايل الزامن جي حوالي سان پيش ٿيڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن نيب پاران ميگا پروجيڪٽ جي عدالتي حڪم تي جاچ شروع ڪرڻ بعد لاڳپيل ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي .