فائر وال هڻڻ روڪيو وڃي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد/لاهور (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فائر وال هڻڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرنيٽ  جي بندش خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ايمان مزاري معرفت داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته شهرين جا بنيادي حق متاثر ڪندڙ فائر وال هڻڻ کي روڪيو وڃي. استدعا ڪئي وئي ته فائر وال سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي  مشاورت ۽ بنيادي حقن جي تحفظ سان مشروط قرار ڏني وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت نديم سرور ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ريمارڪس ڏنا ته عوامي مفاد جي درخواست آهي، ان تي مناسب حڪم جاري ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.