حيدرآباد(رپورٽر) نوجوان سماج سڌارڪ اڳواڻ ۽ ليکڪ نور بالادي جي ڪتاب "غربت، ڪمزور جمھوريت ۽ عالمي سازشون” جي مھورت تقريب ڪالھه حيدرآباد جي سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ھال ۾ ٿي، تقريب کي خطاب ڪندي نامياري دانشور جامي چانڊئي چيو ته نور بالادي ھوا مان خيال کڻي ڪتاب ناھي لکيو، ھن ھي ڪتاب تحقيق تي مشتمل عام ماڻھو لاءِ لکيو آھي. ھن چيو ته عام ماڻھو مقامي حالتن کي مقامي اک سان ڏسندا آهن ان ڪري اھي محدود ٿي ويندا آھن ھاڻ مقامي معاملا مقامي نه رھيا آھن، دنيا جو ھر معاملو مقامي نه رھيو آھي، سڀ معاملا عالمگير آھن. غربت سڄي دنيا ۾ موجود آهي اھڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون به جاري آهن پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ان سطح جون ڪوششون نه پيون ٿين جيڪي ٿيڻ گهرجن، هتي غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي، معاشي پاليسيون عوام کي وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن، ڪتاب جي ليکڪ نور بالادي چيو ته ھي ڪتاب مون پنھنجي تجربن تي لکيو آھي انھن ۾ غربت ۽ غريب منھنجو وڏو تجربو آهي، آئون حادثاتي طور تي ڪتاب جو ليکڪ ٿي ويو آھيان ان تي منھنجو حوصلو وڌي ويو آهي، سماج سڌارڪ اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته ھن ڪتاب ۾ عالمي سازشن کي نروار ڪيو ويو آهي، دنيا جا منافق ۽ منافعي خور واپاري عالمي سازشون وڌائي رھيا آھن اسان وٽ جمهوري حڪمراني ھوندي به ڌاڙيل اسٽيٽ وارو تصور موجود آهي جيڪو سڄي حڪمرانن کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺو آهي ۽ حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر هتي غربت وڌيڪ آھي. ھن بدين ۽ ٿر جو مثال ڏيندي چيو ته ھتي غربت گھٽجڻ بدران وڌي رھي آھي، انھن علائقن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. نظير قريشي چيو ته ھن ڪتاب ۾ عالمي سازشن جي نشاندهي ڪئي وئي آھي، عالمي سطح تي جڏهن امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪن ٿا ته پوءِ اها قرض جي مد ۾ ڇو ٿي ڪئي وڃي، اھو قرض وري حڪمران ٽيڪس ذريعي غريب عوام کان وٺن ٿا. سماجي اڳواڻ مصطفي بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم خريد ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ عورتن کي پورھيي جو مناسب اجورو نٿو ملي. عبدالفتاح دائودپوٽو چيو ته نور بالادي جو ھي ڪتاب عام ماڻھو جي سڃائي تي لکيل آھي، ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي ته غربت ۾ ڏاھپ آھي سي عام ماڻھو جي اکين تي پٽي ٿا ٻڌن، غربت جي سڃائي ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ عمل ناھي. ھن چيو ته جمھوريت ڪمزور يا طاقتور ناھي ھوندي جمھوريت انسان جي اندر جي سوچ جو نالو آھي، دنيا ۾ سڀ سازشون واپار جي بنياد تي مشتمل آھن، واپار جي بنياد تي غربت وڌائي وڃي ٿي، ڪاروباري عالمي سازشون عام ماڻھو کي غربت ۾ ڌڪين ٿيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر اشو ٿاما، ڪاشف صديقي ۽ ٻين به خيالن جو اظهار ڪيو.