راولپنڊي (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته سموريون شڪايتون، رنجشون ختم ٿي ويون، پي ٽي آءِ باني عمران خان مون کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته اڄ تقريبن 3 مهينن کان پوءِ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي، مون هٿ اڳيان وڌايو ته عمران خان مون کي ڀاڪر پاتو، پي ٽي آءِ باني تنقيد جي طور تي چيو ته اوهان ڇو نه ايندا هئا. هن چيو ته مون اڄ سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن. مون معافي گهري ڇڏي آهي، منهنجي لاءِ پريشانيون پيدا نه ڪيون وڃن، اڄ ناراض ٿيڻ واري ڳالهه پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ ختم ٿي وئي آهي، پارٽي ته مون کي ڪڍيو ئي نه هو، پارٽي مان ڪڍرائڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو هو، مون کي پارٽي مان صرف عمران خان ئي ڪڍي سگهي ٿو. شير افضل مروت چيو ته اسان پرامن رهنداسين، روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام جي ڪاوڙ کي دعوت هوندي، همت، حوصلا ۽ جرئت سان قوم کي نڪرڻو پوندو، آئنده ڪنهن به 9 مئي جا اسان پاڻ ذميوار هونداسين.