پنجاب ۾ بجلي سستي،ٻين صوبن جي عوام جو ڪهڙو ڏوهه؟ سوال اٿڻ شروع ٿي ويا

ڪراچي/لاهور (رپورٽر+م ڊ) پنجاب ۾ بجلي جي اگهن ۾ رليف ڏيڻ کانپوءِ اهو چيو پيو وڃي ته رليف رڳو پنجاب لاءِ نه پر سڄي ملڪ لاءِ هجڻ گهربو هو. پنجاب ۾ بجلي تي 14 رپيا رليف ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ ٻين صوبن مان رد عمل اچي رهيو آهي، گهر ڪئي پئي وڃي ته پنجاب بدران سڄي ملڪ ۾ واهپيدارن کي رليف ڏنو وڃي. ساڳئي معاملي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ مريم نواز وچ ۾ به تڪرار ڏسڻ ۾ آيو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪو پنجاب ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪري ۽ ايم ڪيو ايم چپ ويهي ائين ممڪن ناهي، رڳو پنجاب ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو قبول ناهي، ٻين صوبن جي محرومين ۾ واڌ ٿي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم سڄي ملڪ لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندو، جيڪڏهن بجلي جي معاملي تي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو ته پاڪستان ڏيوالو بڻجي ويندو. مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ جواب ۾  وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کيس سنڌ حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي. مريم نواز سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته پيارا مصطفيٰ ڀاءُ! پنجاب مفت ۾ رليف ناهي ڏنو پر عوام لاءِ پيسا ڏئي ورتو آهي. هن چيو ته پنجاب ان لاءِ پنهنجي بجيٽ مان 45 ارب رپيا ادا ڪيا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهان سنڌ حڪومت سان ڳالهايو ۽ اهي به پنهنجي عوام کي اهو رليف ڏين.  مريم نواز جي جواب کانپوءِ ٻيهر مصطفيٰ ڪمال جو بيان اچي ويو سوشل ميڊيا بيان ۾ چيائين ته پياري مريم بي بي! اوهان جي قيمتي صلاح جي مهرباني! سنڌ حڪومت جو ورتاءُ سٺو هجي ها ته اسان کي اوهان جي پارٽي جي غير مشروط حمايت جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مان پنجاب حڪومت کان درخواست ناهي ڪئي، مان پاڪستاني رياست جي سربراهه وزيراعظم شهباز شريف کان درخواست ڪئي، رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کيس درخواست ڪئي ته خدارا سنڌ، خاص طور تي ڪراچي تي رحم ڪريو. اسان کي به پاڪستان ۾ برابر جو شهري سمجهي جيئڻ جو حق ڏيو. وزيراعظم سنڌ لاءِ سولايون پيدا ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اهي واعدا پورا ٿيڻ چاهيون ٿا. ٻئي پاسي مرتضيٰ وهاب نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت جو ڪم ڊگهي مدي لاءِ رليف ڏيڻ هوندو آهي، ٻن مهينن جو رليف لالي پاپ آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ن ليگ قائد نواز شريف پنجاب ۾ 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 14 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو. وزيراعظم شهباز شريف به نواز شريف ۽ مريم نواز جي بجلي رليف پيڪيج جي آجيان ڪئي هئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.