اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد کان ٿيندڙ جاچ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ پڪو فيصلو ڪري ورتو آهي ته عمران خان جو سياست ۾ باب هاڻي مڪمل طور بند ٿي چڪو آهي،پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهندڙ اڳواڻن سان رابطا ڪري منٿون ڪري رهيا آهن ته کين ”محفوظ رستو” ڏنو وڃي،فيض حميد کي فوج اندر جيڪا به معلومات ملندي هئي اها هو جيل عملدارن جي سهولتڪاري سان عمران خان تائين پهچائي ڇڏيندو هو، گهيرو تنگ ٿيندو ڏسي عمران خان پريشان ٿي ويو ۽ فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي حق ۾ بيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، فيض حميد ۽ عمران خان جي سهولتڪاري جي الزام ۾ 103 ماڻهن جي لسٽ ته اڳ ۾ ئي ٺهي چڪي آهي،هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اها لسٽ وڌي رهي آهي ان ۾ 70 جي ويجهو فوجي آفيسر آهن جن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر فيض حميد جي نيٽ ورڪ جو حصو رهيا آهن، انهن ۾ ڪجهه سياستدان ۽ جج به شامل آهن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سهولتڪاري واري لسٽ ۾ اچي چڪا آهن،فوجي آفيسرن جون گرفتاريون ٿي چڪيون آهن،گرفتار ٿيلن ۾ ڪجهه شهري به شامل آهن، جڏهن ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن جي حوالي سان فيصلو اهو ٿيو آهي ته جيڪي حاضر سروس جج آهن انهن خلاف ثبوت هٿ ڪري انهن کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويندو،ڇو ته انهن ججن جي ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ سياست ۾ ملوث ثابت ٿيا آهن،ايندڙ ڏينهن ۾ وڏا اعلان ٿيڻ وارا آهن،رٽائرڊ ججن جي ٿي سگهي ٿو گرفتاري ٿئي،ان سموري جاچ کانپوءِ سياست ۾ عمران خان جو سياست ۾ باب بند ٿي چڪو آهي،الطاف حسين به ڪنهن دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو هو پر جڏهن هن ريڊلائن ڪراس ڪئي ته اڄ هن جو ۽ سندس پارٽي جو نالو نشان ناهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان رابطا ڪري ٻين پارٽين ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ لاءِ ڳالهيون پيا ڪن ذريعن موجب درجنن جي حساب سان پي ٽي آءِ جا اڳواڻ فيصل واوڊا سان رابطا ڪري ”محفوظ رستي“ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن،سڀني کي لڳي رهيو آهي ته هاڻي پي ٽي آءِ جو ڪو به مستقبل ناهي،ايندڙ وقت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ پريس ڪانفرنسون ڪري فيض حميد ۽ عمران خان کان لاتعلقي ڪندي نظر ايندا.
لاهور(مزمل سهروردي)پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي جيلز شاهد سليم بيگ کي عمران خان جي سهولتڪاري نه پر جنرل(ر)فيض حميد سان رابطن تي گرفتار ڪيو ويو آهي،پي ٽي آءِ دور ۾ هو جڏهن آءِ جي جيلز هو ته نوازشريف،مريم نواز،احسن اقبال،راڻا ثناءُ الله سميت ليگي قيادت ان وقت جيلن ۾ هئي،تڏهن جنرل فيض هن سان رابطا ڪندو هو،جنرل فيض سان رابطن جي ڪري فوج جي حاضر سروس آفيسرن جو به گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، ڪجهه کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي،جنرل فيض جا سڀ کان وڌيڪ لاڳاپا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد مرزا سان آهن،جڏهن جنرل فيض جي ڌيءُ جي شادي ٿي هئي ته مهندي جي تقريب جنرل ساحر شمشاد جي گهر ٿي هئي، ساحر شمشاد جو تعلق به چڪوال سان آهي،جڏهن ته هو فيض حميد جي نيٽ ورڪ جو حصو ناهي،
-
جنرل(ر) راحيل،پاشا،ڪياني،ظهير الاسلام،باجوا جو به احتساب ٿيندو؟
لاهور(عمران شفقت+امداد سومرو+سعيد چوڌري+وجاهت مسعود)گهڻن ئي حلقن ۾ اهو سوال آهي ته جنرل فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو به وارو اچڻ وارو آهي؟ اداري پاڻ ضرورت محسوس ڪئي ته ان کان بغير هاڻي ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، عمران خان پراجيڪٽ ۾ جنرل راحيل شريف،شجاع پاشا،ظهير الاسلام،اشفاق ڪياني،جنرل باجوا جا به ڪردار آهن،15 سالن ۾ هن ملڪ جي هر شعبي کي تباهه ڪيو ويو، ان ۾ صحافت، ڪامورا شاهي، عدليه،قانون لاڳو ڪندڙ ادارا،پرڏيهي پاليسي شامل آهن، فيض حميد 26 نومبر تي طاقت جي لڙائي هارائجي ويو،سوال اهو آهي ته رياستي بندوبست ۾ جيڪي ”بارودي سرنگهون“ وڇايون ويون آهن اهي ختم ڪيون وينديون؟حاضر سروس جنرلن جي به نگراني ڪئي وئي آهي، انهن تي پابنديون ڪجهه هنيون ويون آهن، هاڻي اصل امتحان پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو هوندو، جنهن 150 سالن جي روايت ٽوڙي،اهو هاڻي ڪيڏانهن ويندو؟ پرويز الاهي به سياست تان خاموش ٿي چڪو آهي، ذريعن موجب جنرل باجوا کي ڪلين چٽ ڏني وئي آهي،جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي،25 جولاءِ،14 آگسٽ وارن ڌرڻن، هزار هزار جا نوٽ ورهائيندڙن ۽ ملڪ مٿان پسند جا وزيراعظم مڙهيندڙن جو احتساب نه ٿيو ته اهو به سمجهيو ويندو ته اها اداري اندر مفادن جي جنگ آهي،موجوده ”بندوبست“خلاف ڪنهن به جنرل، جج،جيل سپرنٽينڊنٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ان لاءِ پيغام آهي ته حشر فيض حميد جهڙو ٿيندو
-
فيض – عمران نيٽ ورڪ سان عدالتي شخصيتن جي رابطن جو انڪشاف
اسلام آباد (معظم فخر) گرفتار ٿيل اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد کان آڏي پڇا دوران عدليه جي اهم شخصيتن بابت دستاويز، وائيس ميسيجز ۽ ٻيا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. انهن عدالتي شخصيتن ۾ هڪ اهو به شامل هو، جنهن کي مستقبل ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به بڻجڻو هو. هاڻي ان شخصيت لاءِ چيف جسٽس بڻجڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي. فيض حميد نيٽ ورڪ جي 78 ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن مان 40 گرفتار آهن، نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين ماڻهن خلاف به جاچ جاري آهي. ان نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ماڻهن کي به سوگھو ڪيو ويندو. ان نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو ويندو. فيض حميد اعتراف ڪيو آهي ته موجوده آرمي چيف عاصم منير جي مقرريءَ روڪائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان رابطو ڪيو هو. جسٽس عمر عطا بنديال اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ته توهان پاڻ آرمي چيف جي مقرري روڪڻ لاءِ درخواست ڏيو ته ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف سائفر ڪيس ٻيهر کولڻ جي تياري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ان کانسواءِ اها جاچ ڪئي پئي وڃي ته فيض حميد به سائفر معاملي ۾ ملوث هو يا نه. فيض حميد ۽ عمران خان نيٽ ورڪ ۽ عدليه جي شخصيتن جي رابطن جي به جاچ جاري آهي. ان حوالي سان هڪ اعلي سطحي اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ معاملي تي غور ڪري اهم فيصلا ڪيا ويندا.
-
فيض نيٽ ورڪ ۾ جاچ دائرو وڌندو ته وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون:عطا تارڙ
اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته هڪ سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ بدامني پکيڙي فيض حميد انهي سازش ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته جنرل فيض ۽ سندس ساٿين عمران خان جي سهولتڪاري ڪئي، جاچ جو دائرو وڌندو ته وڌيڪ گرفتاريون ڪيون وينديون، سندس چوڻ هو ته نوازشريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ن) هميشه عوام جي خدمت ڪئي، هن ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي، پهريان موٽروي تعمير ڪرايو ملڪ ۾ موٽر وي جو ڄار وڇايو. سرمائيڪارن کي سهولتون ڏنيون ۽ هاڻ انهن جي اڳواڻي ۾ پنجاب حڪومت بجلي صارفين کي سهولتون فراهم ڪيون جيڪو بهترين قدم آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ صارفين کي بجلي جي مد ۾ وڏو رليف ڏنو، حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، وفاقي حڪومت بجلي صارفين لاءِ 50 ارب روپيه مقرر ڪيا آهن. پنجاب حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، فوج ۾ گرفتارين جي معاملي تي هن چيو ته پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو پنهنجو ميڪنزم آهي، هڪ سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ انتشار ۽ ورهاست جي سياست کي مٿي ڪيو.
-
جنرل باجوا خلاف خواجا آصف جي تنقيد تي ن ليگ ۾ بي چيني
اسلام آباد(انصار عباسي)نوازشريف پنهنجي ڪالهوڪي خطاب ۾ ٻيهر”مون کي ڇو ڪڍيو“ وارو بيان ته ورجايو پر هن فوجي عملدارن مان نه جنرل باجوا جو نالو کنيو نه جنرل فيض جو نالو کنيو، شهبازشريف جي حڪومت اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تي دفاع واري وزير خواجا آصف جي تنقيد جي ڪري بي چين نظر اچي رهي آهي، هڪ اهم وفاقي وزير نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته خواجا آصف جيڪو ڪجهه چيو ته اها حڪومت جي پاليسي آهي نه ئي ن ليگ جي، هن چيو ته هينئر اسان جي حڪومت جو ڌيان جنرل(ر)فيض حميد تي ڏنل آهي،جڏهن ته وزير ميڊيا ۾ ايندڙ انهن خبرن جي ترديد ڪئي ته ميان نوازشريف پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي جنرل فيض جي باري ۾ ڳالهائڻ کان پاسو ڪن، هن چيو ته نوازشريف اهڙي ڪا به هدايت ناهي ڏني، هڪ اهم عهدي تي مقرر ن ليگ جي هڪ ٻئي ذريعي ٻڌايو ته خواجا آصف هاڻي جنرل باجوا جي باري ۾ شايد نه ڳالهائي سگهي،کيس خاموش رهڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي
-
40 اڳوڻن فوجي آفيسرن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي
اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) جنرل فيض حميد نيٽ ورڪ ۾ گرفتار برگيڊيئر غفار،برگيڊيئر نعيم ۽ ڪرنل عاصم ٽاپ سٽي هائوسنگ ڪيس ۾ ملوث آهن،34 آفيسرن خلاف انڪوائري جاري آهي، جڏهن ته 40 اڳوڻن فوجي آفيسرن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي،برگيڊيئر نعيم اهو فوجي آفيسر آهي جنهن ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز جي معصوم پٽ جي ڳچيءَ تي فوجي بوٽ سان لت رکي هئي،ان ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ آفيسرن آر پي او راولپنڊي فخر وصال ۽ سي ٽي ڊي جي آفيسر هارون تي وڏو دٻاءُ وڌو ته ڪنور معيز تي ڪيس داخل ڪيو پر انهن سمجهداري جو مظاهرو ڪندي رينجرز جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو،
-
فيض حميد جي گرفتاري کان ڊنل ناهيان، سوشل ميڊيا تي پابندي نه هڻو: عمران خان
راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاري کان بلڪل به ڊنل ناهيان، جيڪڏهن ڊڄان ها ته عدالتي ڪميشن جي ڳالهه نه ڪريان ها. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ سڄي معاشي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو، نوازشريف بيان ڏيڻ کان اڳ رڳو اقتصادي سروي رپورٽ پڙهي ها، جيڪا رپورٽ ڪوڙي ناهي، ن ليگ وارا ساڍا 19 ارب ڊالرن جو خسارو ڇڏي ويا هئا، جنهنڪري سخت مالي مشڪلاتن سبب اسان کي آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پيو. هن چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته سازش ٿي، سازش ته اسان سان ٿي آهي، 9 مئي جو سانحو اسان جي خلاف سازش آهي، 18 فيبروري جي اليڪشن کسي وئي، اها اسان جي خلاف سازش آهي.عمران خان چيو ته مون تي ٻه ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو، اها اسان جي خلاف سازش آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مان اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اهي هوش کان ڪم وٺن ته ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي.هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان هن وقت تائين 500 ملين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سيڙپڪاري ڪٿان ايندي، ملڪ اڳ ئي بدترين معاشي بحران جو شڪار آهي. سوشل ميڊيا عوامي آواز آهي ان تي پابندي نه لڳائي وڃي.هن چيو ته جنرل باجوه اسان جي ئي حڪومت ۾ حسين حقاني کي آمريڪا ۾ لابنگ لاءِ 35 هزار ڊالرن ۾ ڀرتي ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ لو معاملو ۽ سائفر معاملو سامهون آيو.هن چيو ته 9 مئي جو ڪيس هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ٿي سگهي ٿو، ڪنهن جي حڪم تي مون تي تشدد ڪيو ويو ۽ اغوا ڪيو ويو. هڪ ڪلاڪ ۾ پتو پئجي سگهي ٿو ته سي سي ٽي وي چوري ڪنهن ڪئي ۽ ڪهڙي قانون تحت اهي فيصلا ڪيا، سمورا ثبوت فوجي اسٽيبلشمينٽ وٽ آهن.هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا جيل مان پڪڙيندڙ نيٽ ورڪ واقعي توهان جي سهولتڪاري ۾ ملوث هو؟ ان تي عمران خان چيو ته جيڪڏهن چاهيان ته هڪ ڪلاڪ ۾ آرٽيڪل ڇپائي سگهان ٿو. منهنجي سيل جي پاسي ۾ جيمر لڳل آهن ان ڪري موبائيل ڪم نٿو ڪري. هن الزام لڳايو ته چيف جسٽس ڌانڌلي تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي تحفظ ڏئي رهيو آهي. موجوده حڪومت چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
-
ايئر فورس جي ڪجهه آفيسرن جي گرفتارين جا اطلاع،فيض حميد جو دوست ٿري اسٽار جنرل به ريڊار تي
اسلام آباد(عمران شفقت+ابصار عالم) جنرل(ر) فيض حميد نيٽ ورڪ ۽ 9 مئي سازش ڪيس ۾ ايئر فورس جي به ڪجهه آفيسرن جي گرفتارين جا اطلاع آهن، ذريعن موجب اهي آفيسر جاچ هيٺ به ٿي سگهن ٿا، ميانوالي ايئربيس تي جيڪي جهاز ساڙيا ويا هئا اهي عام تيل سان نه پيا سڙي سگهن،ان لاءِ هڪ خاص قسم جو ڪيميڪل گهربل هوندو آهي جيڪو 9 مئي واري ڏينهن استعمال ڪيو ويو هو،ذريعن موجب هڪ ٿري اسٽار جنرل به ريڊار تي اچي ويو آهي،جنهن جي جنرل فيض حميد سان وڏي ياري هئي،هن کي به آءِ ايس آءِ سربراهه ٿيڻ جو شوق هو،
-
صوبن ۾ پي ٽي آءِ ختم ٿيڻ واري،شير افضل مروت جي واپسي وفاقي ڍانچو تباهه ڪندي
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) رئوف حسن جي گرفتاري پي ٽي آءِ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي،9 مئي جي سازش ۽ جنرل فيض حميد ۽ عمران خان وچ ۾ رابطن جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو، پنجاب ۾ پارٽي ختم ٿيڻ واري آهي، شير افضل مروت جي پارٽي ۾ واپسي سان پارٽي جو وفاقي ڍانچو به ڍير ٿيڻ وار آهي،عمران خان جيل ۾ هن کي گهرائي پارٽي جو سمورو اختيار ڏنو آهي،ڪي پي ۾ به پارٽي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، ، ڪراچي ۾ پارٽي اڳ ۾ ئي ٽٽي چڪي آهي.
-
فيض حميد، عمران خان ۽ ثاقب نثار جو ڳٺ جوڙ وائکي ٿيندو: ملڪ احمد
لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته ملڪ جي پرائيڊ پرائم اداري جي سربراهه کي حراست ۾ وٺڻ ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ غير معمولي ڳالهه آهي، جيڪڏهن جاچ ۽ تفصيلي رپورٽ سامهون آئي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه فيض حميد، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڳٺ جوڙ جون حقيقتون سامهون اچي وينديون.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته جڏهن 9 مئي تي سانحو ٿيو ته فيض حميد هڪ ڪور جو هيڊ هو، حيرت انگيز طريقي سان 29 هنڌن تي حملا ڪيا ويا ۽ سڀني حملن جو هڪجهڙو اثر هو. هن چيو ته 9 مئي بغاوت هئي، باغين کي هر صورت ۾ سزا ملندي.
-
پاڪستان ۾ وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو
اسلام آباد (تجزيو: جاويد چوڌري) ملڪ اندر هڪ نئون بحران پئدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ڪو وڏو واقعو ٿيڻ وارو آهي، جنهن جو پاڪستان کي وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. هن وقت حڪومت پنهنجي مرضي جو آرمي چيف ۽ چيف جسٽس سميت هر مقرر پنهنجي پسند جي ڪرڻ چاهي ٿي. ملڪ ۾ بحرانن جو وڏو سبب وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهن کي ملندڙ ايڪسٽيشن آهي. اهڙن فيصلن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. فوجي قيادت اهڙن حڪمرانن جي حمايت ڪندي آهي، جيڪي سندن مدي ۾ واڌ ڪن. جڏهن ته فوج جا سڀ کان سينيئر جنرل به آرمي چيف بڻجڻ لاءِ لابنگ ڪندا آهن، ان حوالي سان هو سياسي پارٽين سان رابطا به وڌائيندا آهن. فيض حميد به ائين ئي ڪيو.
-
ٽاپ سٽي آپريشن ۾ جنرل(ر)نويد مختار جو به ڪردار؟
اسلام آباد(جاويد چوڌري) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي باري ۾ ن ليگ اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته هو فرار ٿي لنڊن هليو ويو آهي،ثاقب نثار 7 آگسٽ تي برطانيا هليو ويو هو، ٽاپ سٽي معاملو دٻائڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار آهي،هن وقت سندس فون به بند آهي ۽ ميڊيا سان رابطن کان لنوائي رهيو آهي ان ڪري ن ليگ جي دعوائن کي هٿي ملي رهي آهي ته هو گرفتاري جي خوف کان ٻاهرين ملڪ هليو ويو آهي، ٽاپ سٽي هائوسنگ اسڪيم تي جنرل فيض حميد آءِ ايس آءِ ۾ ڊي جي سي عهدي تي هوندي چڙهائي ڪئي هئي، جنرل باجوا ان وقت تڏهوڪي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل نويد مختار ۽ جنرل فيض حميد کي گهرائي پڇاڻو ڪيو ته معاملو ڇا آهي؟ جنهن تي فيض حميد چيو ته ان اسڪيم ۾ ايم ڪيو ايم جو سليپر سيل آهي،ان ڪارروائي لاءِ جنرل نويد مختار کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو، ان ڳالهه تي جنرل نويد مختار چپ ڪري ويٺل رهيو ان جو مطلب ته هن جي رضامندي به شامل هئي